26 جمعرات , اپریل 2018

ملائيشيا ۾ ايئر هوسٽس جي لباس تي تنقيد

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي خانگي فضائي ڪمپني ”ايئر ايشيا“ جي ايئر هوسٽس جي ڳاڙهي يونيفارم تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ۽ مقامي قانون سازن اهڙي يونيفارم کي مسافرن جا جذبا اُڀارڻ جو سبب قرار ڏنو آهي. ملائيشيا جي سينيٽرن عبدالله مت ياسيم ۽ ميگت ذوالقرنين عمرالدين دعويٰ ڪئي آهي ته ”ايئر ايشيا“ جي فضائي ميزبانن جو لباس مسافرن جي جذبن کي اڀاريندو آهي، جڏهن ته ان جي چمڪ سان مسافرن جون اکيون پڻ متاثر ٿي رهيون آهن. ملائيشين قانون سازن جتي ”ايئر ايشيا“ جي ايئر هوسٽس جي لباس کي غير مناسب قرار ڏنو، اتي ئي وري انهن ”ملنڊو ايئر“ جي فضائي ميزبانن جي وردي کي ڪجهه بهتر قرار ڏنو. سينيٽ اجلاس دوران سينيٽرن دليل ڏنو ته ايئر ايشيا جي ايئر هوسٽس جو لباس خاص طور نوجوانن لاءِ صحيح ناهي، ڪمپني کي ان يونيفارم ۾ تبديلي ڪرڻ گهرجي. عبدالله مت ياسيم انڪشاف ڪيو ته مان جڏهن به ايئر ايشيا ۾ سفر ڪندو آهيان ته منهنجي گهرواري ان معاملي تي پريشان ۽ خوفزده رهندي آهي، سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ”ملنڊو ايئر“ جي فضائي ميزبانن جو لباس به ايترو سٺو ناهي پر اهو ايئر ايشيا جي ايئر هوسٽس کان بهتر آهي، ڇو ته ان لباس ۾ انهن جو جسم نظر ناهي ايندو. عبدالله مت ياسيم جي دليلن تي سينيٽر ميگت ذوالقرنين اتفاق ڪيو، جڏهن ته سينيٽ ۾ اهو معاملو اٿارڻ تي ڊپٽي صدر سيري عبدالحليم ۽ سينيٽر عبدالصمد به خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته عبدالله مت ياسيم دلچسپ موضوع کنيو آهي. واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ملائيشين سينيٽ ۾ فضائي ميزبانن جي لباس تي بحث ٿيو هجي، گذريل هفتي به ايوان ۾ ان ئي معاملي تي بحث ٿيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي پاليسين جي نظرثاني جي ضرورت آهي: جرمن پرڏيهي وزير

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي بچاءَ واري وزير هائيڪو ماس سلامتي جي عالمي پاليسين تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے