22 پیر , جنوری 2018

چين ۽ روس طرفان ٽرمپ جي نئين حڪمت عملي تي تنقيد

بيجنگ + ماسڪو (ويب ڊيسڪ) چين ۽ روس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قومي سلامتي بابت نئين حڪمت عملي کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. چيني پرڏيهي وزارت موجب واشنگٽن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته اهي”ڪولڊ وار“ جي دور واري سوچ اختيار ڪن ۽ ڄاڻي واڻي چين جي اسٽريٽيجڪ ادارن جي رستي ۾ اچڻ کان پاسو ڪن. ساڳي ريت ماسڪو چيو آهي ته اهڙن دستاويزن ۾ سامراجيت واضح طور نظر اچي رهي آهي. ٽرمپ جي نئين پاليسي موجب چين ۽ روس آمريڪي طاقت، اثر رسوخ ۽ مفادن جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

متحد عراق جي حق ۾ آهيون: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته اسان جي حڪومت عراق جي …