23 سومر , جولاءِ 2018

آمريڪي نائب صدر اسرائيل جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس وچ اوڀر ۾ پنهنجو دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو سبب هن ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي موضوع تي سينيٽ ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ٻڌايو آهي. هاڻ هو ايندڙ سال جي پهرين مهيني جنوري ۾ مصر ۽ اسرائيل ويندو. واضح رهي ته آمريڪا طرفان يروشلم کي اسرائيل جو تخت گاهه تسليم ڪرڻ واري فيصلي تي ڪيترن ئي ملڪن کٽڪن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته فلسطيني صدر محمود عباس اڳ ئي مائيڪ پينس سان ملاقات کان انڪار ڪري چڪو آهي. دوري موجب پينس کي اڄ مصر لاءِ روانو ٿيڻو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي مخلوق اندرين مافيا سان مليل آهي: عمران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پرڏيهي مخلوق اندرين مافيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے