17 اربع , جنوري 2018

يمن جي رياض جي شاهي محل کي ميزائل سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض تي يمن هڪ ڀيرو ٻيهر ميزائل حملو ڪيو جنهن ۾ شاهي محل ال يماما پيلس کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تنهن هوندي سعودي اتحاد فورسز حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب يمن مان سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ شاهي محل ال يماما پيلس کي بيلسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تنهن هوندي سعودي اتحاد فورسز ميزائل حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ميزائل حملي مهل ال يماما پيلس ۾ سعودي شاهي خاندان جو اجلاس جاري هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب حملي ۾ ڪنهن سعودي جي شهري جي مارجڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا، اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته راڄڌاني رياض ۾ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو. ٻئي پاسي يمن ۾ حوثي باغين بيلسٽڪ ميزائل حملي ۾ ال يماما پيلس کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي تنهن هوندي سيڪيورٽي فورسز ۽ بچاءَ واري کاتي جي اختيارين طرفان هن وقت تائين ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے