21 خميس , جون 2018

پاڪستان ڪڏهن به سازش ناهي ڪندو: والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير جو اعتراف

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي ڪٺ پتلي وڏي وزير فاروق عبدالله اعتراف ڪيو آهي پاڪستان ڪڏهن به سازش ناهي ڪندو. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي رياست گجرات ۾ رياستي چونڊ مهم دوران نريندر مودي پنهنجي حريف پارٽي ڪانگريس تي الزام لڳائيندي چيو هو ته اڳوڻي وزير اعظم من موهن سنگهه ۽ ڪانگريس پارٽي جي نائب صدر مني شنڪرائير پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ڪئي ۽ گجرات جي رياستي چونڊ ۾ پاڪستان کي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو. نريندر مودي رياستي چونڊون ته کٽي ويو پر اهو معاملو ختم ناهي ٿيو ته ۽ مٿس تنقيد جا نوان دروازا کلي ويا آهن. والاريل ڪشمير ۾ اڳوڻي ڪٺ پتلي وڏي وزير فاروق عبدالله کان پڇيو ويو ته هن چيو ته مودي جي ڳالهه غلط آهي، پاڪستان ڪڏهن به سازش ناهي ڪندو، نريندر مودي ته پاڻ نواز شريف جي ڏوهٽي جي شاي ۾ ماني کائڻ ويو هو، ڇا ان وقت اها ڪا سازش نه هئي. هن چيو ته ڪانگريس گجرات جي رياستي چونڊن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پر جيڪڏهن پارٽي جا اڳواڻ ڪجهه غلط ڳالهيون نه ڪن ها ته سندن سيٽون وڌي وڃن ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The details of the assets of Shahbaz Sharif and Hamza Shahbaz

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ …