21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي پرڏيهي فنڊن خلاف درخواست منظور، 8 جنوري تائين جواب طلب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن ۽ پ پ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ ٻنهي پارٽين جي سربراهن کي نوٽيس جاري ڪندي 8 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ فرح حبيب جي مسلم ليگ ن ۽ پ پ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. تحريڪ انصاف جو وڪيل فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.اليڪشن ڪميشن پ پ ۽ مسلم ليگ ن خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي منظور ڪندي نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري کي نوٽِيس جاري ڪندي 8 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پارٽي سربراهه 8 جنوري تائين جواب جمع ڪرائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Protest of wasted social social activists

شريف ڀائرن عوام کي بيمارين ۾ مبتلا ڪيو آهي: پرويز الاهي

گجرات ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے