23 ڇنڇر , جون 2018

شريف خاندان جي ملڪيت جي جاچ لاءِ لنڊن ويل نيب ٽيم ڏيهه واپس پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) شريف خاندان جي ملڪيت بابت تفصيل گڏ ڪندڙ قومي احتساب بيورو (نيب) جي ٽيم لنڊن کان وطن واپس پهچي وئي.  ذريعن موجب بين جي ٻه رڪني ٽيم لنڊن ۾ شريف خاندان جي فيلٽن بابت جاچ ڪئي ۽ هو اڄ صبح علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتي. خيال رهي ته نيب جي ٻه رڪني ٽيم ڪجهه ڏينهن اڳ شريف فيملي جي اثاثن جي جاچ لاءِ لنڊن وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم جي لنڊن واري دوري دوران اهڙي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي جنهن سان ڳالهه اڳتي وڌي. ذريعن موجب نيب جي ٻه رڪني ٽيم پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 جي ذريعي وطن واپس پهچي وئي ۽ ساڳي ئي اڏام ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف به لنڊن کان لاهور پهتو آهي. ان کان اڳ هيٿرو ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سلطان نذير ۽ جاچ آفيسر عمران ڊوگر ٻڌايو ته آفيسرن کي جيڪي ذميواريون ڏنيون ويون اهي هنن پوريون ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جو ناراض اڳواڻ عرفان الله اخوانزاده ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عرفان الله اخوانزاده ساٿين سميت پيپلز پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے