21 اتوار , جنوری 2018

”هي صدين ۾ به کامي نه ويندا ڪڏهن!!“

محمد خان دائود

اُهي وڃايل قيدي ڪنهن ٻار جئان جڏهن اچن يا نه اچن پر انهن قيدين جون مائرون انهن جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ لڙڪ لاڙي انتظاريءَ جو عذاب سهندي هتان وڃي رهيون آهن.اُهي مائرون جن جا جوان پٽ رات جي اونداهي ۾ کنڀجي ويا ۽ مائرن جي نصيب ۾ آيو انهن جو انتظار جيڪو طويل ٿيندو پئي ويو ۽ پوءِ آخر اُهو انتظار به ختم ٿيو.پر ائين نه ته ڪو هوُ وڃايل وجود موٽي آيا ۽ مائرن خوشين مان گيت ڳاتا انهن کي ته ورڻو ئي نه هو.هوُ نه وريا. جيڪي ميلي جي دنيا۾ انهن مائرن کي تنها ڪري ويا.ورندا به الا ئي نه ۽ ورندا ته ڪڏهن ؟!پر اُهي مائرون انتظار جو ڏنڀ نٿيون سهي سگهن ۽ جن سهڻ جي ڪوشش به ڪئي سا به اجائي وئي. ۽ اُهي مائرون وڃي مقام ڀيڙيون ٿيون.انهن پراڻن مقامن ۾ نئين قبر جو اضافو ٿي ويو.

اُهي مائرون جيڪي پنهنجي وڃايل ٻارن جو انتظار ڪري رهيون هيون ته اُهي موٽي ايندا انهن کي امان ڪري مخاطب ٿيندا ۽ اُهي مائرون محبت مان انهن کي چُمي ڏئي جواب ڏينديون “جي ابا“پر نه اُهي آيا جنهن جو مائرن کي انتظار هو نه انهن “امان ڪري انهن مائرن کي سڏيو ۽ نه انهن مائرن جي ابا ڪري انهن کي جواب ئي ڏنو!“

هاڻي اگر هوُ اچي به ويا ته انهن جي گهر ۾ فرشتي جهڙي امان ته ڪونهي اُها امان جيڪا انهن جي جدائي ۾ انهن لاءِ پنهنجي اکين مان لڙڪ لاڙي انهن کي ياد ڪندي هُئي

اُهي بي وس مائرون انهن لاءِ جدائي جا گيت ڳائينديون رهيون.انهن جي جدائي ۾ روئينديون رهيون.پر انهن کي نه ورڻو هو هوُ نه وريا!!هوُ جيسيتائين ورندا تيسيتائين هوُ نه بهيڻيون آهن جيڪي انهن جي ياد ۾ ڪنهن ڪڪر جئان بيهي بيهي ٿڪجي پيون آهن آخر ڪڪر ڪيترو بيهي؟!! هوُ وسندڙ ڪڪر جئين هيون ۽ آخر وسي وسي ٿڪجي پيون ۽ ان پار هليون ويون جتي نه ياد ،نه ڪڪر نه انهن جو وسڻ! هاڻي ته هوُ پاڻ هڪ ياد جي سار ٿي ويون آهن هاڻي هوُ نه ورنديون بس جڏهن به ورندي ته انهن جي ياد ورندي يا ان ياد جي سار ورندي!

اهو ڪهڙو ظلم آهي يا هي ظلم جي ڪيتري نه اذيت ڀري شڪل آهي جو هوُ قيدي به ڪونهن پر قيد به آهن.هوُ مجرم به ڪونهن پر مجرم به آهن هوُ جيل ۾ ته آهن پر جيل ۾ به ڪونهي ته پوءِ هوُ ڪٿي آهن؟!

هوُ جيڪي اُجرن پهرن ۾ کنڀيا ويا هوُ جيڪي ڏينهن جي شروعاتي پهرن ۾ اغوا واري ڪيفيت مان گزريا.هُو جيڪي رات جي آخري پهرن ۾ پيار جي ڪوسي ڪُک مان ائين کنڀيا ويا.هوُ جن جي مخبري ائين ڪئي وئي  جئين ڪمدار انهن هارياڻين جي ڪندا آهن جيڪي هارياڻيون ڪپهه جي ٻنين ۾ ڪپهه چونڊيندي ڪاريون ڪيون وينديون آهن.جيڪي هارياڻيون ڪمند جي کيتن ۾ ڪمند وڊيندي وڊيندي پاڻ ڪمند جئان ڪپجي وينديون آهن . بلڪل ائين ئي هوُ به ان لاءِ انهن ڪوسين ڪُکن مان کنڀيا ويا جو انهن جي پويان به اُهي فرد لڳل هُئا جيڪي انهن سان انهن جهڙا ۽ هنن سان هنن جهڙا!

هُو ته کنڀيا ويا.پر انهن مائرن جو ڪهڙو ڏوهه جيڪي انهن جو انتظار ڪندي ڪندي ڪڪر جئان وسي وسي پاڻ به هڪ ڏينهن پاڻيءِ جو بوڙينڊو ثابت ٿيون مان ته انهن لاءَ اهو ڪُوڙو دلاسو نه نٿو لکي سگهان ته هوُ آسمان تي تارو ٿي ويون آهن ۽ پنهنجي گهر کي گهر جي در کي ٻارن کي ۽ انهن کي ڏسي رهيون آهن جيڪي کنڀجي ويا مان اهڙو ڪُوڙ نٿو لکي سگهان.هوُ ته انهن جي ياد ۾ روئي روئي بيمار ٿي پيون هيون.ڪنهن جي اکين جو نور وڃي چڪو هو ته ڪا دل وڃائي ويٺي هُئي ڪنهن جو هيڻو حال هو ته ڪا بيمار دل سان ان کي ساري رهي هُئي جن کي ته هاڻ ويجها مائٽ به وساري ويٺا آهن.

پوءِ اسان انهن اداس مائرن لاءِ اهو ڪئين لکون ته هوُ آسمان تي تارو بنجي ويون آهن ۽ سڀ ڏسي رهيون آهن جڏهن ته هن دنيا ۾ انهن جي دل به ائين هلي رهي هئي جئين ڏهاڙي مزدور جو باورچي خانو.انهن جي دل جي اهڙي حالت هُئي جنهن لاءِ بابا فريد لکيو هو ته

“دردان دي ماري دلڙي عليل اي!“

هُو جيڪي سياسي ڏوهه جي سبب پنهنجي دانشوري جي سبب پنهنجي ارڏائپ جي سبب پنهنجي سياسي شعور جي سبب پهرين ديوانا ٿيا پوءِ قيد خانن تائين پهتا ۽ انهن مان ڪيترا ته مقتل تائين به وڃي پهتا .پر پويان انهن جي ياد ۾ انهن کي ساري ساري انهن جون مائرون به راهه رباني وٺي اوسيئڙو لاهي هميشه هميشه لاءِ وڃي رهيون آهن اُوڏاهن جتي نه ڪو گهر آهي نه ان گهر جو در آهي نه ڪو اُهو در اورانگي ٿو نه وري ڪڏهن ڪنهن کي ڪوئي ڪوسي ڪُک مان کنڀي ويندو!

اهو سوال ته خير پنهنجي جاءِ تي رهڻو آهي ته انهن مائرن جي اهڙو هيڻو حال ڇو ٻڻيو جن لاءِ اياز لکيو هو ته

“جاڳ،جا ننڊ ۾ تير جئن

ٿي نشانو چُٽي

باک جئن ٿي ڦُٽي

ائين تقدير ۾

راڳ مون لاءِ ڪنهن

هي لکيا ها جڏهن

آءُ تنهن وقت کان

ٿو اُهي ڳوليان!“

اُهي راڳ اُهي گيت ڪهڙا هُئا جيڪي انهن مائرن جي اگهاڙي نصيب ۾ لڳا ۽ اُهي مائرون ائين رونديون رهيون جئن ٿري مائرون پنهنجي نصيب لاءِ روئن ٿيون.

پوئتي اڃان ڪيتريون ئي اهڙيون مائرون آهن جيڪي جڏهن به در کڙڪي ٿو ته انهن جي دل بيهجي ٿي وڃي .انهن مائرن جو رُڪيل دل ڪير هلائيندو انهن جي اها صليب تي ٽنگيل دل ڪير لاهيندو جيڪي هر روز صليب تي ٽنگيل آهن.

اُهي قيدي جيڪي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هوندا آهن .جيڪي قتل جهڙي ڏوهه ۾ مطلوب هوندا آهن .جيڪي ملڪ جا نامي گرامي بدمعاش هوندا آهن.جيڪي ٽارگيٽ ڪلر هوندا آهن جن کي ڦاهي جي سزا اچي ويندي آهي.پر جڏهن انهن جو ڪوئي عزيز گذاري ويندو آهي.ته سرڪار انهن کي به پيرول تي پوليس جي پهري هيٺ انهن آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت ملندي آهي هُو انهن رسمن ۾ شامل ٿي آخري ديدار ڪري پوءِ پنهنجي خوليءَ ۾ ورندا آهن.

انهن سياسي شعور ڀرين قيدين جي انهن دانشورن عالم اڪابرن جي سزا ۽ جيل انهن گنواٽا موبي جي قيدين کان به اڳتي نڪري وئي آهي جيڪي ڪيوبا جي آس پاس گنواٽا موبي نالي جيل ۾ بند آهن .اُتي به ايترو ظلم ڪونهي هُو قيدي پوري دنيا ۾ ڪٿي به پنهنجي مائٽن عزيزن سان ٽيلي فون ۽ خط و ڪتابت زريعي رابطي ۾ آهن انهن قيدين کي ڪيتريون  ئي سهولتون مليل آهن. ايتري قدر جو هوُ قيدي اتي پڙهن به ٿا ۽ اتي لائبريري جو استعمال به ڪن ٿا هاڻي ويجهڙائي ۾ انهن قيدين جو بنايل پينٽنگس جي امريڪا ۾ نمائش ٿي هُئي هڪ پاڪستاني قيدي جي بنايل تصوير کي پهريون انعام مليو.پر انهن قيدين جو ڇاجن وٽ ته ڪا به سڃاڻپ ڪونهي نه ڪو نالو نه ڪوئي نمبر!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظرف جي ڳولا

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے