18 جمعرات , جنوری 2018

انصاف اهو جيڪو ٿيندو نظر اچي

پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته قسم آهي ته عدليا تي ڪو دٻاءُ ڪونهي، عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو اهڙو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي. جيڪو عدليا تي دٻاءُ وجهي عدليا کان فيصلا ڪرائي.

ڇنڇر ڏهاڙي لاهور ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي سيمينار ۽ جوڊيشل اڪيڊميءَ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ڪنهن پلان جو حصو ناهيون. حصو هجون ها ته حديبيا جو فيصلو اهڙو نه اچي ها، جهڙو آيو. فيصلي تي تنقيد ٿي سگهي ٿي چئي سگهو ٿا ته فيصلي ۾ ڏنل دليل ڪمزور هئا نيت شڪ نه ڪيو. مان نه ٿو چاهيان ته مون کان پوءِ اولاد شرمندو ٿئي. اسان آئين ۽ جمهوريت جي تحفظ جو قسم کنيو آهي. عدليا قوم جو بابا آهي. خلاف فيصلو اچڻ تي ججن کي گاريون نه ڏيو، ججن جي عدالتي نظام ۾ سڌارن لاءِ تعاون ڪيو.

جناب ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته حڪومت ذميواري پوري نه ڪندي ته اسان کي اڳتي اچڻو پوندو. هن چيو ته اسان اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي بيواهه پينشن لاءِ ورهين تائين ڌڪا کائي ٿي. سياسي گند سپريم ڪورٽن جي لانڊري مان نڪري وڃي ته عام ماڻهو جي ڪيس کي به وقت ڏجي. لا اينڊ جسٽس ڪميشن کي آزاد ڪيو، مان پنهنجا اختيار ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان.

هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان جي ماتحت عدالتن ۾ اڄ به نوي لکن کان وڌيڪ ڪيس دير جو شڪار آهن. جڏهن ته اعليٰ عدالت ۾ جيڪي ڪيس نه ٿا هلن تنهن جو تعداد وري الڳ آهي، چوندا آهن ته انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار برابر آهي. سو اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ هن ملڪ جي قيام کان وٺي لکين ڪيس فائيلنٰ ۾ هئڻ ڪري انصاف کي دير ٿيندي رهي آهي ۽ انهن ڪيسن سان لاڳاپيل ماڻهو ٿي ڄاڻايل چوڻي موجب سمجهندا رهيا آهن ته کين شايد انصاف ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي.

ٻيو ته چوندا آهن ته جج نه ڳالهائيندا پر سندن فيصلا ڳالهائيندا آهن. هن ملڪ ۾ جمهوريت تي راتاهن کان پوءِ آمريتن کي جائز قرار ڏيڻ، نظرئي ضرورت کي جيئارڻ، ملڪ جي مقبول اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي واري تڪراري فيصلي (جنهن کي تاريخ عدالتي قتل سڏي ٿي، نه رڳو ايترو پر اهڙو فيصلو لکندڙ هڪ اڳوڻي چيف جسٽس آف دي رڪارڊ مڃيو هو ته هنن اهو فيصلو دٻاءَ ۾ اچي ڏنو هو). نواز شريف نااهلي واري فيصلي، حديبيا ملز واري فيصلي، عمران خان-جهانگير ترين ڪيس واري فيصلي تائين الائجي اهڙا ڪيترا فيصلا عدالتن طرفان ايندا رهيا آهن، جن تي سوال به اٿندا رهيا آهن، تنقيد به ٿيندي رهي آهي ۽ اڄ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ انهن تي مختلف رخن ۽ زاوين کان سڌا سنوان تبصرا ۽ تجزيا به ٿي رهيا آهن.ا

ڪجهه ڏينهن اڳ ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق به سياسي جنگيون عدالتن ۾ وڙهڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته عدالتن ذريعي سياستدانن جي نااهل ٿيڻ وارو طريقو سٺو ناهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي تاريخ تڪرارن سان ڀري پئي آهي پوءِ اهي سياسي تڪرار هجن، مذهبي تڪرار هجن، ٻولي ۽ قوميت جي بنياد تي تڪرار هجن، اسٽيبلشمينٽ ۽ سولين جا تڪرار هجن يا عدالتي تڪرار ۽ جڏهن به اهڙو ڪو تڪرار ڪرُ کڻندو آهي ته چيو ويندو آهي ته ادارن جي طرفان حدون اورانگهڻ جي ڪري ائين ٿيو آهي. سو جي ڪير به پنهنجون آئين ۽ قانون تحت مليل حدون نه اورانگهي ته ٿي ئي نه ٿو سگهي ته ڪي تڪرار جنم وٺن ۽ جي جنم وٺن به ته اهي حل ٿي نه سگهن.

چيف جسٽس صاحب جي بقول حڪومت ذميواري پوري نه ڪندي ته کين اڳتي اچڻو پوندو هوڏانهن حڪومت کي وري شڪايت رهي آهي ته ان کي پنهنجو دائرو اختيار ڪرڻ استعمال ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ ان جي ڪمن ۾ اجائي مداخلت ڪئي ٿي وڃي. اصل ۾ ملڪ اندر جيڪي ٿي رهيو آهي يا ٿيندو رهيو آهي ان جو ڪيتو عام ماڻهوءَ کي ڀوڳڻو ٿو پوي. حڪومت ڊليور نه ڪري ته به عوام کي نقصان ۽ جي ادارا به ڊليور نه ڪن تڏهن به عوام کي نقصان.

پاڪستان ۾ هڪ پارلياماني جمهوري نظام قائم آهي. جيڪو 1973ع جي گڏيل آئين تحت ڪم ڪري ٿو. ان آئين تحت هر اداري جو ڪردار ۽ حدون مقرر ٿيل آهن. دنيا جي قومن ۾ آئين کي مقدس ڪتاب سمجهڻ جي روايت هئڻ ڪري دنيا ترقي ڪندي وڃي آسمان کي ڇهيو آهي. اسان وٽ ان مقدس ڪتاب کي مقدس سمجهڻ بدران اڪثر ڪري ڪاغذ جو ٽڪرو ئي سمجهيو ويو آهي ۽ آئين کان ٿڙندي يا ان ۾ پنهنجي مرضيءَ جا فقرا ۽ شقون شامل ڪندي هن ملڪ کي هلايو ويندو رهيو آهي جنهن جو نتيجو انهن بحرانن ۽ سانحن توڙي زوال جي صورت ۾ نڪتو آهي، جنهن کي هيءُ ملڪ ڀوڳيندو رهيو آهي.

آئين جيئن ته ڪنهن به اداري ۽ ملڪ کي هلائڻ جو رستو هجي ٿو، سو جڏهن به ان رستي تان ٿڙيو ويندو ته ان جا ڪي چڱا نتيجا نه نڪرندا ۽ ائين غيريقيني ۽ بي چيني پلئه پوندي. جنهن کي اسان جو ملڪ منهن ڏئي رهيو آهي.

سو ملڪ ۾ ۽ ادارن ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن، سي صرف ۽ صرف ان صورت ۾ ختم ٿي سگهن ٿيون، جڏهن آئين کي مقدس سمجهي ان کي مٿانهون رکي، ڪير به آئين جون حدون نه اورانگهي، عدليا کي به ججن نه پر ججن جي فيصلن ذريعي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. ان صورت ۾ ئي هي ملڪ درست راهه تي اچي سگهندو.

اڱارو 19 ڊسمبر 2017ع، 30 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے