21 اتوار , جنوری 2018

ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟

مصطفيٰ جمالي

پاڪستان اندر عيسائي برادري جي عبادت گاهن تي حملن جي تاريخ پراڻي آهي،خاص طور تي پاڪستان ۾ جتي مسلمانن جي عبادتن گاهن جن ۾ مسجدن، امام بارگاهن ۽ اولياءُ الله جي درگاهن تي حملا ٿيندا رهندا آهن،اتي هندو مذهب جي مندرن ۽ عيسائي برادري جي چرچن جي پڻ  پاڪستان اندر ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن جن جو ٿورڙو جائزو وٺنداسين ته شايد ايترو پري نه وڃڻو پوندو پاڪستان جي تاريخ اندر عيسائي چرچ تي حملو 2001ع ۾ ٿيو، جيڪو بهاولپور ۾ ٿيو  هو،  جنهن ۾ 16ماڻهو مارجي ويا هئا،بعد ۾ 2013ع ۾  اسلام آباد ۾ چرچ تي حملو ٿيو جنهن اندر5ماڻهو مارجي ويا هئا ان بعد 2013ع ۾ ڪوهالي گيٽ پشاور وٽ هڪ چرچ تي حملو ٿيو، جنهن اندر 84ماڻهو مارجي ويا هئا، سيپٽمبر تي پشاور ۾ ڪوهاٽي گيٽ وٽ واقع چرچ تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 83 ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ۽ 120 زخمي ٿي ويا، زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ سبب انديشو هو ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو پر ان مان صرف هڪ زخمي فوت ٿ ويو يو، ان کان 2015ع اندر يوهانه جي علائقي لاهور اندر پڻ هڪ چرچ تي حملو ٿيو جنهن ۾ 15ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪالهه 2017ع ۾ ڪوٽيئا اندر چرچ تي حملو ڪيو ويو جنهن اندر 14ماڻهو بي گناهه مارجي ويا آهن.

اڪثر چرچ تي ٿيندڙ حملن جي ذميواري تحريڪ طالبان ئي قبولي آهي   جڏهن ته ڪالهه ڪوئيٽا وارو جيڪو واقعو پيش آيو جنهن اندر عيسائي برادري جا 14ماڻهو مارجي ويا آهن انهي واقعي جي ذميواري اڃان تائين ڪنهن به دهشتگرد نتظيم قبول ناهي ڪئي، واقعي کان پوءِ پاڪستان جي آرمي  جنرل قمر جاويد باجوا چرچ تي حملي کي ڪرسمس جون خوشيون ڦٽائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته حملي ۾ بي گناهه مسيحي ڀائرن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته چرچ تي حملو ڪرسمس جون خوشيون ڦٽائڻ جي سازش آهي،مان سمجهان ٿو ته انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي صرف ۽ صرف ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي جنهن اندر ٻاهريون قوتون شامل آهن،پر انهي سان گڏوگڏ پاڪستان اندر به اهڙن دهشتگردن جا سهڪاري ٽولا موجود آهن جيڪي انهن دهشتگردن جي پٽ ڀرائي ڪن ٿا ۽ انهن جي پاڪستان اندر سپورٽ ڪن ٿا،انهي ڪري اهو به ضروري آهي ته جتي پاڪستان آرمي انهن دهشتگردن خلاف ويڙهه ڪري رهي آهي اتي پاڪستان آرمي کي گهرجي ته اها انهن سهولتڪارن خلاف به ڪارروايون ڪري جيڪي دهشتگردن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏين ٿا.

پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشگردي ۾ پاڪستان جي وڌ کان وڌ نقصان تحريڪ طالبان ئي ڏنو آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان جا افغانستان جي طالبان حڪومت جي ميزباني، حمايت، دوستي، تربيت ۽ افغانستان ۾ روسي فوجي مداخلت ۽ ويڙهه دوران، پراڻا لاڳاپا رهيا آهن. القاعده خلاف اولهه جي طاقتن پاران جنگي ڪارروائيءَ بعد، پاڪستاني طالبان ان نالي سان ڪم ڪندا آيا آهن. عالمي طاقتن کي شڪ آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي نه رڳو اندروني طور القاعدا جي مالي ۽ تربيتي امداد ملي ٿي پر خود پاڪستاني رياستي ادارن ۾ به ڪي طاقتون شخصيتون ۽ ادارا پاڪستاني طالبان سان همدرداڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿا، جن جو گڏيل مقصد آمريڪا ۽ اولهه جي طاقتن جي مفادن کي نشانو بڻائڻ آهي، جن ۾ غير ملڪي (خاص طور تي اولهه جي ملڪن جا شهري) ۽ مسيحي برادري نشاني تي آهن. انهن حملن جو مقصد جيئن چيو پيو وڃي، پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ڊورن حملن کي روڪڻ ۽ اولهه جي طاقتن خلاف دٻاءُ پيدا ڪرڻ آهي. عسيائي گرجا گهرن تي اڳ به اسلام آباد ۽ ٽيڪسيلا ۾ حملا ٿي چڪا آهن، پر ڪجهه سالن جي وقفي بعد هي پهريون خوفناڪ حملو آهي، جيڪو ڪالهه ڪوئيٽا اندر واقع قديمي چرچ تي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ مسيحي برادريءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جو وڏو تعداد پنجابين جي هيٺئين طبقن جي ماڻهن مان آهي، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ برطانوي والار کان اڳ عيسائي تبليغي مشنري جي پرچار، پيار، تعليم، ۽ انساني همدرديءَ وارين ڪوششن سبب ۽ بعد ۾ برطانوي والار سبب حڪمرانن جي حمايت ڪري، پنجاب جي هيٺئين پيڙهيل طبقن جا ماڻهو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿي ويا.

سنڌ ۾ به عيسائين جو وڏو تعداد رهي ٿو، انهن ۾ اڪثريت جو تعلق پنجاب سان آهي، جڏهن ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٿورڙي تعداد ۾ ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، ۽ اوڏ برادرين جا ڪجهه ماڻهو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿيا آهن. مجموعي طور تي سڄي پاڪستان ۾ عيسائين جي اڪثريت پنجابي ڳالهائيندڙ آهي، جنهن جي گهڻائي پيشي جي لحاظ سان شهرن جي صفائيءَ واري کاتي يا صحت ۽ اسپتالن سان لاپيل آهي. عيسائين ۾ پنجابي اڪثريت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته فقط راولپنڊي ضلعي ۾ عيسائين جا 67 گرجا گهر آهن، جڏهن ته ڪراچيءَ جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ قائم عيسيٰ نگري عيسائين جي وڏي آباديءَ وارو علائقو آهي. پاڪستان ۾ نه رڳو مسيحي برادري پر ٻيون مذهبي اقلتيون جهڙوڪ هندو، قادياني وغيره وڏي عرصي کان مذهبي تعصب، انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار آهن. نه رڳو غير مسلم مذهبي اقلتيون پر خود مسلم فرقو شيعا فرقو به مذهبي انتهاپسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي.اڪثر غير مسلم مذهبي اقليتن خلاف پر تشدد ڪارروايون ٿينديون رهنديون آهن.پر ائين ٻئي هنڌ ناهي ڇو ته  آمريڪا، برطانيا ۽ اولهه جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اتي رهندڙ مسلمان، قانونساز ادارن ۾ پڻ چونڊجندا رهندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ آئيني طور بندش آهي ته ڪو به غير مسلم رياستي سربراهه نٿو ٿي سگهي.

تعصب، انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جو بنياد، خود رياست جي بنيادن سان ڳنڍيل آهي. مذهب جي نالي ۾ بنگالين، سنڌين ۽ بلوچن جو استحصال به ٿيندو رهيو آهي، قوم پرستي، وطن پرستي، سيڪيولرز  جهڙن آدرشن کي هتي سرڪاري سطح تي ”نظرياتي زهر“ سمجهي چٿيو وڃي ٿو.. اها پنجاب يونيورسٽيءَ جي بدقسمتي آهي، جو اتي جي هاسٽلن مان القاعدا جا اڳواڻ گرفتار ٿين ٿا، سنڌ جا ڀاڳ ايترا برا ناهن. جيڪڏهن ڪراچيءَ جي ڪجهه علائقن ۾ طالبان جو ديرو آهي ته اتي به سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ نه پر پنجابي، پٺاڻ، افغانين جي اڪثريت آهي، جيڪي رياستي ادارن جي حمايت سان، قانوني يا غير قانوني طور اتي ترسيل آهن. تنهنڪري اسين واضح لفظن ۾ چئون ٿا ته مذهبي تعصب، تنگ نظري ۽ دهشتگردي سنڌي تهذيب، تاريخ ۽ مزاج جي خلاف آهي ته مفاد جي به خلاف آهي.

ان سڄي صورتحال ۾ انسانيت، جمهوريت ۽ آزادين جي ويري، دشمن سوچ کي جنهن تيزي ۽ طاقت سان چٿڻ جي ضرورت آهي، حيرت انگيز حد تائين انجي ابتڙ نام نهاد جمهوري قوتون، ادارا انهن سان معذرت خواهه ، غير مشروط، منٿ ميڙ ۽ ڳالهين جا خواهشمند آهن. اهي قوتون بلوچستان جي عوام سان ڳالهيون ڪرڻ جي بجاءِ طاقت جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين ٿيون، اهي قوتون سنڌ جي عوام کي پهتل تڪليفن تي ڳالهائڻ ۽ ان جي ازالي لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ طالبان سان ڳالهائڻ لاءِ آتا ۽ بي صبرا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي هنن جو ٻٽو معيار آهي، پر منهنجي راءِ اها آهي ته ٻٽو معيار خود ان ڪري آهي، جو انهن جا مفاد ۽ نظريا، اسان جي قومي مفادن ۽ نظرين جي خلاف آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظرف جي ڳولا

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے