19 اڱارو , جون 2018

نيوز| حيدر آباد ۾پاپولر ماچيس فيڪٽري جي برطرف ملازمن جو احتجاج

حيدر آباد ۾ پاپولر ماچيس فيڪٽري جي برطرف ملازمن پاران بحال نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو پورهيتن راڻا گلذار ، راڻا جميل ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب  علامتي بک هڙتال ڪئي  ان موقعي تي پورهيتن جو چوڻ ھو ته فيڪٽري انتظاميا کين بلاجواز بيدخل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي کين ڪو به معاوضو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.  هنن چيو ته هو فيڪٽري جي انتظاميا خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھن پر ڪو به سندن دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي  هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سندن معاملي جو نوٽيس وٺي معاوضو ڏياري، ٻي صورت ۾ ھو مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Moro: Gathering of Villagers of different villages

نيوز: مورو:  مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ميڙاڪو

*موري ويجهو مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ميڙاڪو ٿيو جنهن م ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے