19 اڱارو , جون 2018

ايٿوپيا ۾ نسلي تڪرار ۾ 60 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

موغاديشو(ويب ڊيسڪ) صوماليا ۽ اروميا جي نسلي گروپن وچ ۾ تڪرار ۾ 60 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايٿوپيا جي علائقي اروميا ۾ گذريل خميس کان هن وقت تائين نسلي تڪرار ۾ 60 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا آهن. هن وقت تائين تڪرار جو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو پر پرڏيهي خابرو ايجنشي پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ تڪرار ان وقت ٿيو جڏهن فوجين احتجاج ڪندڙ 16 اروميا رهواسين کي قتل ڪيو. اروميا حڪومت جي ترجمان مارجي ويلن جا تفصيل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي شايع ڪندي چيو ته 14 کان 17 ڊسمبر جي وچ ۾ 19 اروميا رهواسين کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته صوماليا سان تعلق رکندڙ 32 نسل پرست به مارجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جڙتو جنگبندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه والاريل ڪشمير ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے