19 اربع , سيپٽمبر 2018

پنجاب حڪومت ٻارن جي کير”ليڪٽالس“تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ(ڊيري شين جي عالمي ڪمپني جي کير”ليڪٽالس“ ۾ سالمولينا وائرس جي انڪشاف کان پوءِ ان جي وڪرو تي مڪمل پاپندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ڊي فوڊ اٿارٽي نورالامين مينگل موجب ٻارن جي مشهور کير”ليڪٽالس“ ۾سالمولينا وائزرس جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن کان پوءِ پوري صوبي ۾ هن کير تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.جڏهن ته مارڪيٽ ۾ موجود ليڪٽالس برانڊ ڪرو ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي جاري آهي.  ڊي جي فوڊ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هي ڪارروائي لاهور،  رولپنڊي، جهلم، سيالڪوٽ، سرگودا، سميت  پوري صوبي ۾ ڪيترن شهرن ۾ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته  ٻڌايو پيو وڃي  ته سالمولينا وائرس سان ٻارن جي معدي جي سخرت سور جي بيماري ٿيندي آهي.”ليڪٽالس“کير جي استعمال تي فرانس ۾ ڪيترا ٻار متاثر ٿيڻ جي شڪايت سامهون آئي آهي. جنهن کان پوءِ ”ليڪٽالس“ تيار ڪرڻ واري ڪمپني متاثر ٿيندڙ  ملڪن کان ذخيرو واپس گهرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے