18 جمعرات , جنوری 2018

زرداري حڪومت نٿو ڪيرائي سگهي، عمران گدڙ ۽ نواز شريف شينهن آهي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف شينهن جيان بهادر ۽ عمران خان گدڙ جيان بزدل آهي، تحريڪ انصاف سربراهه صحيح چيو ته گدڙ تحريڪ نٿا هلائي سگهن. عمران خان جي اوڪاڙا جلسي ۾ خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ سعد رفيق چيو ته نواز شريف شينهن جيان بهادر ۽ عمران خان گدڙ جيان بزدل شخص آهي، ٽوئيٽر تي سعد رفيق وڌيڪ لکيو ته عدليا جو بي حد احترام ڪيون ٿا پر قانون جي خلاف فيصلن تي تنقيد ٿيندي، بنا جواز الزامن جو جواب ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته ميان نواز شريف سنگين سيڪيورٽي الرٽ باوجود عدليا بحالي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي، عمران خطري جي خوف سبب اسلام آباد ۾ لڪيل رهيو. ڪراچي ۾ مسلم ليگ هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته آصف علي زرداري ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي صلاحيت ناهي  هو رڳو ڳالهيون ئي ڪري سگهي عو، سعد رفيق چيو ته بند ڪمرن ۾ فيصلن جو عمل بند ٿيڻ گهرجي، سياستدان ۽ ادارا هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ وارو رويو  ختم ڪن، ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته عام چونڊن وقت تي ٿيڻ گهرجن،ووٽ ذريعي ايندڙ تبديلي سبب ملڪ کي ترقي کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي هن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو تبديلي چاهين ٿا،سنڌ مان ڪجهه اهم ماڻهو نوازليگ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے