21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

عدليه ۾ پرويز مشرف جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي همت ناهي: مريم نواز

لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته جنهن ناڻي واري وزير ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍيو، ان جا وارنٽ جاري ٿيا پر ڪنهن عدالت کي آئين ٽوڙيندڙ پرويز مشرف جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي همت نه ٿي.سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽويٽ ۾ مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي انٽر پول ذريعي گهرائڻو آهي ته ڊڪٽيٽر پرويز مشرف کي سڏائي، ڇاڪاڻ ته پرويز مشرف کي پوري قوم پنهنجو ڏوهاري سمجهي ٿي. هن چيو ته عدليه جيڪڏهن پاڪستان ۽ تاريخ جي ڏوهاري جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري ته پوءِ قانون جي سربلندي تي عوام يقين ڪندو. هن چيو ته جي آءِ ٽي اورينج موجب بادي النظر ۾ فليٽن جي اونر  مان هيس، جيڪڏهن جي آءِ ٽي اورينج سچا هئا ته نئب  ڪهڙو اونر ڳولي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے