19 جمعہ , جنوری 2018

عدالتن، اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين جي سازشن سان ئي ڀٽو ۽ سندس نياڻي شهيد ٿيا:ڪراچي ۾ ڪانفرنس

 ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته عدالتن، اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين جي سازشن سان ئي ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس نياڻي بينظير ڀٽو شهيد ٿيا، 2018ع فيصلي جو سال آهي، شهيد ڀٽو ايوب ۽ يحيٰ جو ٻيڙو ٻوڙيو، بينظير به مشرفجو اهڙو حشر ڪيو ۽ آصف زرداري مشرف کي مکڻ مان وار وانگي ڪڍي ڇڏيو، 65 سالن جو عمران خان به نوجوان آهي ته هن ملڪ تي الله رحم ڪري. اهڙين ڳالهين جو اظهار هنن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن پاران ”رول آف يوٿ ان پاڪستان“ جي عنوان هيٺ ڪرايل ڪانفرنس دوران ڪيو، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر چيو ته پيپلز پارٽي کي آر اوز ذريعي اليڪشن هارائي وئي ته ان سان پ پ کي ختم نه سمجهيو وڃي. فريال ٽالپر چيو ته اسين تنقيد کي دل سان ٻڌندا آهيون پر لڳندڙ الزام ضروري ناهي ته درست هجن.هن چيو ته ٽي وي نيوز چئنل پنهنجي ريٽنگ وڌائڻ جي لاءِ چئي رهيا آهن ته پ پ ختم ٿي وئي، مشرف دور ۾ ٻه ڀيرا ناظم ٿيس ۽ مشرف سان مقابلو ڪيم منهنجي خلاف سازشون به ڪيون ويون. هن چيو ته سنڌ ۾ تباهي جون ڳالهيون ڪندڙن کي دعوت ٿي ڏيان ته 25 – 26 ڊسمبر تي سنڌ جا روڊ گهمي وري 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير جي ورسي ۾ اچن، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته عمران خان مشرف دور ۾ خاموش هو ۽ سندس تاڙين سان استقبال ڪندو هو، هاڻي جمهوري حڪومت ۾ تبديلي جو ڳالهيون پيو ڪري. هن چيو ته شهيد ڀٽو ايوب ۽ يحيٰ جو ٻيڙو ٻوڙيو، بينظير به مشرف جو اهڙو حشر ڪيو ۽ آصف زرداريءَ مشرف کي مکڻ مان وار وانگي ڪڍي ڇڏيو. سينئر صحافي وسعت الله خان چيو ته پارٽي ۽ ڪارڪن جو رشتو پاڻ ۾ لوهه ۽ چقمق جهڙو هوندو آهي جيڪڏهن عوام  نه رهندو ته ڪشش به نه ٿي اچي سگهي. جيڪڏهن سلمان تاثير شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هوندي قتل ٿئي ها ته ڇا ڀٽو ان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري ها؟ اهو سوال مان عوام کان ڪرڻ چاهيان ٿو، اڄ جي سياست ورهايل آهي، ان جي دور ۾ جمهوريت هئي، جنهن دور ۾ انڌو شخص به هٿ لڳائي ٻڌائي سگهي پيو ته هي ڀٽو آهي ۽ هي بينظير آهي، سـٺي ليڊر شپ جي لاءِ ”لاجردين لائيف“ هجڻ گهرجي.تقريب کي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولابخش چانڊيي، پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني، ايم اين اي نفيسا شاهه، پ پ يوٿ سنڌ جي صدر جاويد ناياب لغاري، صوبائي وزير سهيل انور سيال، سيد سردار شاهه، اطلاعات وارو صوبائي وزير ناصر شاهه، غلام مرتضيٰ بلوچ. ناز بلوچ، وقار مهدي، راشد رباني، شهلارضا، قاسم سراج سومرو، آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه، يوٿ اڳواڻ رب نواز بلوچ، پ پ يوٿ ٺٽي جي اڳواڻ حيدر سمون، اسحاق بروهي، ذوالفقار پيروزاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے