25 سومر , جون 2018

نواز شريف بزدل آهي، عدالت خلاف تحريڪ هلايائين ته آئون سندس خلاف نڪرندس: عمران خان

اوڪاڙا (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ عدالت تي حملو ڪري رهيو آهي، انتظار ڪري رهيو آهيان ته نواز شريف تحريڪ هلائي. اوڪاڙا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف چيو ته پاڪستان جي عدليا خلاف تحريڪ هلائيندس، نواز شريف ٻڌايو ته توهان ڪڏهن تحريڪ هلائي آهي؟ ڇا ن ليگ ان وقت تحريڪ هلائي، جڏهن مشرف توهان کي جيل ۾ وڌو؟ گدڙ تحريڪ نٿا هلائي سگهن، جڏهن گدڙ جو موت ايندو آهي ته شهر جو رُخ ڪندو آهي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ۽ منهنجي ڪيس جي ڀيٽ ڪري رهيو آهي، ڪرپشن تي اقتدار ۾ ٿيندي آهي، مان ڪڏهن اقتدار ۾ ناهيان رهيو، ڇا مان هڪ به فيڪٽري هنئي، ڇا بئنڪ مان هڪ رپيو به قرض ورتو، ڇا نوڪريون ڏياريون، سفارشون ڪرايون؟ مان ڪرڪيٽ مان ڪمايل پئسو پاڪستان آندو، منهنجو هڪ رپيو به ملڪ کان ٻاهر ناهي، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف رائيونڊ ۾ ويٺا آهيو،  منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺو، بزدل ماڻهو ڪڏهن ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهي، توهان اڄ ٻيهر لنڊن مان پاڪستان جو دورو ڪيو، توهان کي 30 هزار ڪروڙن جو جواب ڏيڻو هو، اهو نه ڏنو، مان فليٽ بابت 60 دستاويز پيش ڪيا، نواز شريف رڳو هڪ ڪاغذ پيش ڪيو، اهو قطري خط هو. عمران خان چيو ته نواز شريف ٻڌائي ته هن ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ختم نبوت قانون ۾ تبديلي جي ڪوشش ڪئي؟ هو قوم جو ڏوهاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The British Magazines left before the PML-N success in the next election

مخالفن کي سياسي فائدو ڏيڻ لاءِ خبر شايع ڪئي وئي: ن ليگ

اسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي اخبار جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے