19 جمعہ , جنوری 2018

دهشتگردي جو انت ايندو؟

بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا هڪ ڀيرو وري دهشتگردن جي نشاني تي آهي، ڪالهه ڪوئيٽا زرغون روڊ تي گرجا گهر تي دهشتگردن جي حملي ۾ چئن عورتن سميت 9 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن ۽ 50 جي لڳ ڀڳ جي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. چرچ تي حملو ان وقت ٿيو، جڏهن اتي دعا جي تقريب هلي رهي هئي، چئن دهشتگردن چرچ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان هڪ ڄڻي کي مک دروازي تي بيٺل سپاهي ماري وڌو، جنهن سان ٻڌل خودڪش جيڪٽ گرجا گهرج جي احاطي ۾ ئي ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جڏهن ته هڪ ٻيو دهشتگرد به چرچ جي احاطي ۾ پهچي پاڻ اڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

سيڪيورٽي فورسز ، خاص ڪري پوليس جي چستي ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ سبب وڏو جاني نقصان ٿيڻ کان بچي ويو. بلوچستان ۾ لاڳيتو هڪ ٻئي پٺيان دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿي به رهيا آهن. هي واقعو 17 ڊسمبر تي ٿيو، جڏهن ته ان کان اڳ سورنهن ڊسمبر 2014ع تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل دهشتگرد حملي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ اسڪولي ٻار ۽ کين پڙهائيندڙ شهيد ٿي ويا هئا، اهو واقعو جيئن ته 16 ڊسمبر تي ٿيو هو، جيئن ته 16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ ۾ خوني ڏينهن جي حيثيت رکي ٿي.ڇو جو ان ڏينهن پاڪستان ٻه اڌ ٿيو هو ۽ اوڀر پاڪستان الڳ ٿي دنيا جي گولي تي بنگلاديش جي نالي تي نروار ٿيو هو. سو ڊسمبر هن ملڪ ۽ هن ملڪ جي ماڻهن لاءِ اڀاڳو ئي رهيو آهي. هن ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي 2007 ع ۾ 27 تاريخ تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ محترمه بينظير ڀٽو دهشتگردن هٿان شهيد ٿي هئي. اهي دهشتگرد به ان فڪر ۽ فلسفي تي هلندڙ هئا. جنهن فڪر جا پونئر گرجا گهرن کي، مسجدن کي، مندرن کي، امام بارگاهن کي، ترقي پسند سوچ کي، اقتدال پسندن کي، سماج جي سونهن کي ۽ ملڪ کي سنئين دڳ لائيندڙن کي نشانو بڻائيندا، هن ملڪ کي ترقي ڏانهن نيئڻ بدران پٿر جي دور ۾، اوندهه جي دور ۾ واپس موٽائڻ جي ٽاسڪ تي آهن.

پاڪستان ۾ گذريل پنجن سالن کان رياست جي سطح تي پاليسي جيتوڻيڪ تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي، دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي پاڙ پٽڻ لاءِ قبيلائي علائقن کان ڪراچي تائين آپريشن به هلندڙ آهن، آپريشن ضرب عضب هجي يا ردالفساد، انهن جا يقينن مثبت نتيجا به سامهون آيا آهن پر انتهاپسندن خلاف ڪارروايون هلندي، فيض آباد ڌرڻي جهڙا واقعا به پيش اچن ٿا. نه رڳو واقعا پيش اچن ٿا، پر ايڏي ڇوٽ ۽ مدد ڌرڻي هڻندڙن کي مليل هجي ٿي جو حڪومت انهن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ٿي ۽ کين ڀاڙو ڏئي واپس گهر موڪليو وڃي ٿو.  چوڻ جو مطلب ته انتهاپسندي،دهشتگردي ۽ بنياد پرستي جو جي واقعي به  خاتمو آڻڻو آهي ته پوءِ هڪڙن کي رعايت ۽ ٻين خلاف ڌرتي تنگ وارو رويو ڇڏي، هڪ جهڙي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي.

جنرل ضياءُ  جي پاليسين جو ڪيتو هي ملڪ ۽ معاشرو اڃا ڀوڳي رهيو آهي، انهن پاليسين کان مڪمل منهن موڙ ٿيڻ تائين هن سماج مان انتهاپسندي واري فڪر ۽ فلسفي وارو خاتمو مشڪل آهي. نه رڳو ايترو جو جيڪي سياسي ڌريون  ۽ جماعتون پاڪستان ۾ موجود آهن، انهن جي علائقائي يا قومي سڃاڻپ کان هٽي ڪري جيستائين انهن کي هڪجيترو ماحول ۽ ميدان مُهيا نٿو ڪجي، ان وقت تائين انتهاپسندي واري سوچ ۽ فڪر جو ٽوڙ نا ممڪن آهي. نه رڳو ايترو پر ملڪ جڏهن هنگامي حالتن ۾ آهي. جنگي ڪيفيتن کي ڀوڳي رهيو آهي. دهشتگردن خلاف هر ڪنڊ ۽ ڏسا ۾ آپريشن به هلي رهيو آهي ته پوءِ آخر ڪار دهشتگرد  ڪيئن اچي وچ  شهر ۾ ڪڏهن گرجا گهر کي نشانو بڻائين ٿا، ڪڏهن ڪنهن پوليس آفيسر کي ته ڪڏهن عام ماڻهن کي، ان ڏس ۾ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ۽ لاپرواهي ٿئي به ٿي يا ٿي به آهي ته ان جو تدارڪ به ٿيڻ کپي.

ملڪ اندر انٽيليجنس بنيادن تي دهشتگردن جا جي ٿاڪ موجود آهن ته اهي بنا ڪنهن رک رکا جي ۽ سرپرستي جي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. دهشتگردي ڪير به ڪري، ڪنهن جي به طرفان ٿئي، ان کي هر صورت ۾ ۽ شڪل ۾ رد ڪرڻ ۽ ان خلاف ڪارروائي جي، بنا ڪنهن پسند ۽ ناپسند جي چڪر ۾ پوڻ جي هڪ جهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. نه رڳو ايترو پر سماج ۾ اسهپ ۽ عدم برداشت کي ختم ڪرڻ لاءِ به کاٻي ڌر کي به ايئن ئي کليل ميدان فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن ساڄي ڌر جون قدامت پسند پارٽيون سڄي ملڪ اندر پنهنجي پرچار ڪري رهيون آهن. وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي بار مان ۽ وبائن مان جند ڇڏائي نئون معاشرو جوڙجي، اهڙو معاشرو جتي انسان کي بنا ڪنهن ٻولي، رنگ، نسل ۽ فرق جي انسان ئي سمجهيو وڃي.

سومر 18 ڊسمبر 2017ع، 29 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے