18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪوئيٽا چرچ حملو ۽ لوها هٿ!

سجاد ٻرڙو

پنهنجي گذريل هفتي واري ڪالم ۾ ئي آخر ۾ مون امڪان ظاهر ڪيو هيو ته جيئن گستاخ فلم، گستاخ خاڪن ۽ ختم نبوت صلعم واري معاملي تي اسان وٽ ٻين کي ڪجهه به نه ٿيندو ۽ سڄو نقصان، تڪليفون، آزار ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پنهنجن جي ئي حصي ۾ ايندو، سو آخر ڪار اهو ئي ٿيو ۽ گذريل ڏينهن هڪ خودڪش بمبار ڪوئيٽا ۾ ”ڦاٽي“ پيو!

آءِ جي ڪوئيٽا موجب چئن دهشتگردن چرچ تي حملو ڪري موجود ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ٻئي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ۽ 2 ڄڻا ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ شروعاتي رپورٽن موجب ٽن عورتن ۽ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار سميت 9 ڄڻا مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي هئي، جڏهن ته معصوم ٻارڙن‌ عورتن سميت 44 ڄڻا زخمي ٻڌايا پئي ويا!

ڌماڪي کان بعد جاري ٿيل تصويرن ۾ هڪ تصوير ۾ مسيحي مذهب سان تعلق رکندڙ هڪ پر امن ماءُ پنهنجي معصوم زخمي ٻچڙي کي طبي امداد لاءِ کڻي وڃي رهي هئي، ان وقت سندس چهري تي جيڪي تاثر هئا، اهي هڪ ته سندس معصوم ٻچڙي جي سلامتي لاءِ فڪرمندي وارا تاثر هئا، ساڳئي وقت اهي تاثُرَ هن ملڪ جي اقتدار ڌڻين لاءِ هڪ سوال به هيا ته اسان ته هن ملڪ جا پر امن ”شهري“ آهيون، اسان کان اهڙو ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي جو اسان جي معصوم ٻچڙن کي به خودڪش ڌماڪن جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو!

واقعي جي تصويرن مان هڪ تصوير ڌماڪي سبب تباهيءَ جو شڪار ٿيل ڪمري جي هئي، اهو ڪمرو، جتي ڌماڪي کان اڳ اسڪولي ٻارڙا ۽ عورتون دعا لاءِ موجود هئا، ان ڪمري موجود رت جا ننڍڙا ”تلاءَ“، ڀڳل ميزون، ڪرسيون ۽‌ ٻيو وکريل سامان جنهن جو الڳ سان هڪ نوحو لکڻ گهرجي، هڪ تصوير ۾ هڪ ننڍڙي پرِي پنهنجي زخمي هئڻ باوجود پنهنجي ”بابا“ جي محفوظ ٻانهن ۾ طبي امداد لاءِ رواني ٿيڻ وقت فوٽو گرافر کي پنهنجا پتڪڙا هٿ ڏيکاري خبر ناهي ته ڪهڙي دانهن ڏئي رهي هئي!

هي ڪو پهريون حملو ته نه هئو!، نه ڪوئيٽا ۾ نه پاڪستان ۾! ۽ هر ڀيري اهڙن حملن پٺيان اهي هٿ هوندا آهن، جيڪي مذهب جي نالي کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ اهڙن هٿن کي ”لوهي هٿن“ سان چٿڻ، دهشتگردن جي چيلهه ڀڃڻ جهڙا ۽ ٻيا ڪيترائي بيان روايت موجب جاري ٿيندا رهندا آهن، جيڪي گذريل ڏينهن به روايت موجب ڌماڪو ٿيڻ جي بس ٿورڙي دير ۾ ئي اچڻ شروع ٿي ويا، انهن بيانن جون هڪجهڙائيون ڏسي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اهڙي قسم جا بيان اڳواٽ تيار ٿيل هوندا آهن، جن کي بس ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان شهر ۽ هنڌ جا نالا تبديل ڪرڻ سان گڏ ڪجهه ٻيون تبديليون ڪري ميڊيا حوالي ڪيو ويندو آهي!

سو، تاريخون ۽ واقعا تبديل ٿيندا رهندا آهن ۽ بيان به ٿوري گهڻي تبديلي سان جاري ٿيندا رهندا آهن، جيئن ٻه ڏينهن اڳ ( سورنهن ڊسمبر) 2014ع ۾ اي پي ايس تي يزيدي ٽولي جي حملي خلاف تقريبون ٿي گذريون، خطاب ۽ بيان سامهون آيا، پر جيئن مان ئي پنهنجي ڪيترن ئي ڪالمن ۾ چئي چڪو آهيان ته وقت جي ان يزيدي ٽولي جي اصل سرپرستن خلاف ڪڏهن به ڪا ”اصل“ ڪارروائي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آئي آهي ۽ اڄ به مجبوري وچان ساڳيا ئي لفظ ورجائڻا پون ٿا ته آخر ڪڏهن ”اصل“ ڪارروائي ٿيندي!؟ ٿيندي به يا نه؟، جيڪڏهن ٿيندي ته ڪڏهن ۽ جيڪڏهن نه ٿيندي ته پوءِ آخر اسان کي خواهه مخواهه ميڊيائي بيانن سان ”ريجهائڻ“ جي ڪوشش ڇو ڪئي ويندي آهي.

ڪربلا ۾ ته ڪِيسُ هڪ ڀيرو ئي ٿيو هيو، پر ان هڪ ئي واقعي ان واقعي جي ذميوارن کي سدائين لاءِ عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيو!، پر نه صرف ڪوئيٽا پر سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ٻين شهرن ۾ ته ٿوري ٿوري عرصي کان بعد ڪيتريون ئي ڪربلائون ڏسڻ ۾ آيون آهن! ان هوندي به وقت جي يزيدي ٽولي کي عبرت جو نشانو بڻائڻ ته وڏي ڳالهه آهي، ڪو مظلومن جو کُليل نموني نوحو به نه ٿو لکي سگهي!، ڇو ته هن وقت جي يزيدي ٽولي ۽ 14 سئو سال اڳ واري يزيدي ٽولي ۾ هڪ فرق آهي ته ان  يزيد کي پنهنجي ئي خاندان مان عمر بن عبدالعزيز رحه جهڙو انصاف پسند مليو هيو، جنهن نه صرف مظلمومن کي مظلوم ”ڊڪليئر“ ڪيو پر ان سان گڏ پنهنجن ئي ”وڏڙن“ کي هر حساب سان غلط قرار ڏنو هيو!، پر گستاخي معاف، اڄ جي يزيدي ٽولي منجهان ڪا اهڙي هستي ظاهر ٿيڻ جي اميد رکڻ شايد بيڪار ئي ثابت ٿئي!

پهرين اسان وٽ سٺا طالبان ۽ خراب طالبان جو ورد هلندو رهيو، جيڪو اڄ ڪلهه مڙئي ڪجهه جهَڪو ته آهي پر بلڪل ئي ختم نه ٿي سگهيو آهي ۽ تازو وري ڪجهه انتها پسندن کي به ”پنهنجائپ“ جي جاري ٿيل ”سَندَ“ اڳيان هلي ڪهڙا نتيجا ڏيندي اهو ته وقت ٻڌائيندو!، في الحال ته پاڻ اڃا تائين گڊ طالبان منجهان بگڙي بيڊ طالبان جي هٿان ڪربلائون برپا ٿيندي ڏسندا رهنداسين ۽ بيانن جي ”لالي پاپ“ سان پڻ پاڻ ريجهائڻ لاءِ به هر وقت تيار رهنداسين!، سو هن تازو برپا ڪيل ڪربلا بعد آيل بيانن کي پڙهي ڪري مان ته پنهنجو پاڻ کي ريجهائڻ لاءِ بلڪل ئي تيار ڪري ڇڏيو آهي، باقي عوام ڇا ٿو ڪري، هن ملڪ جا حڪمران ۽ ”اصل حڪمران“ ڇا ٿا ڪن، ان سان پنهنجو ڇا وڃي!، تازو جاري ٿيل بيانن مان حاصل مطلب ڪجهه لائينن جو بيان، جيڪو اميد آهي ته اوهان به پڙهي ان سان سهمت ٿيندئو! ۽ هرو ڀرو ”ڊپريسڊ“ ٿيڻ کان بچي ويندئو!

”هتي عام مسلمان توڙي سمورا ”ذمي“ خوش ۽ خرم، بنا ڪنهن تڪليف جي گذاري رهيا آهن، ساڻن ڪڏهن به ڪو به مسئلو پيش ناهي ايندو، باقي هي جيڪي ”ڪڏهن، ڪڏهن“ ننڍا، ننڍا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، اهي ته ”سازشون“ آهن، جن کي آهني هٿن سان ڪچليو ويندو!“

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے