18 جمعرات , جنوری 2018

ادارن جي ٽڪراءَ پٺيان مرندڙ معيشت ۽ سياسي ساک جو سوال

امير ڀنڀرو

ملڪ جي تاريخ جو هڪ ٻيو اهم فيصلو سامهون آيو آهي، سپريم ڪورٽ پاران ڏنل انهيءَ فيصلي تحت پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان نااهليءَ کان بچي ويو آهي، جڏهن ته انهيءَ پارٽيءَ جو هڪ ٻيو اهم اڳواڻ  جهانگير ترين پوري عمر لاءِ نا اهل ٿي ويو آهي، ڪافي عرصي کان هلندڙ سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن ۾ هڪ ٻئي خلاف اهلي ۽ ناهليءَ واري هلندڙ جنگ پوري ملڪ جي سياسي ماحول کي صرف پاڻ ۾ وڙهن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، سال کان هلندڙ انهي اختلافن وچ ۾ سرد جنگ ۾ حڪومتي توڙي مخالف ڌر جا چونڊيل نمائندا، عوام جا سڀ رستا وساري هڪ ٻئي خلاف تير سڌا ڪري ويٺا آهن، جڏهن ته پارلياميننٽ ۾ ويٺل سياستدان ملڪ جي هڪ سپريم پارليامينٽ ۾ پاڻ ويٺا آهن، جتي ملڪ جي هر سطح جا فيصلا آسانيءَ سان حل ڪري سگهجن ٿا، پر هو اهي سڀ رستا وساري اختلافن ۽ جنگ جو اهو ماحول جوڙي چڪا آهن، جيڪو ماحول ملڪي سياست، ملڪي ترقي ۽ معيشت لاءِ موت جو سامان چيو وڃي ٿو.

تازو آيل عمران خان ۽ جهانگير ترين بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز ليگ جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو به طئي شدهه اسڪرپٽ جو حصو آهي، جيڪو تمام وڏو  الزام آهي، ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول کانپوءِ  جيڪو هن وقت نواز ليگ روئڻ روئي رهي آهي ۽ ملڪي معيشت لاءِ بحران برپا ڪري رهي آهي،  نواز ليگ کي ان کان اڳ سؤ دفعا سوچڻ گهرجي ها ته هو جنهن ماحول ۽ اختلافن ۽ الزامن کي جنم ڏئي رهي آهي اهي ڪڏهن به ملڪي وقار لاءِ بهتر ثابت نه ٿيندا.

مسلسل هڪ سال کان نواز ليگ سرڪار مختلف بحرانن جي ور چڙهيل آهي، ڪي بحران هنن جي سياسي غير سنجيدگين مان وڌي وڻ ٿيا آهن ته وري ڪي بحران نواز ليگ کي ڪرپشن جي ڪيل ڪهر کان پوءِ ورثي ۾ مليا آهن، سياسي غير سنجيدگيون  ته نواز ليگ جي پراڻي سڃاڻ رهيون آهن جن به هلندڙ  سياسي بحرانن کي وڏي مدد ڏني آهي،  پر هتي وڏي ڳالهه اها ضرور ڪرڻ گهرجي ته نواز ليگ سرڪار جي پنهنجي پارٽي، حڪومت ۽ گهر مان اٿيل اختلافن نواز ليگ سرڪار لاءِ اها باهه ٻاري جنهن باهه ۾ نواز ليگ سرڪار جو اڌ حڪومتي سفر سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي، نواز ليگ حڪومت جي اهڙن مونجهارن واري صورتحال ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اها نواز سرڪار انهن مونجهارن ۽ بحرانن جي سٽ سهي سگهندي؟ جنهن نواز سرڪار پنهنجي حڪومت دوران اها دعويٰ ڪئي آهي ته هو جمهوريت پسند آهي پر اصل ڳالهه هي آهي ته نواز سرڪار جمهوريت دشمن اها قوت آهي،  جنهن هر دور ۾ جمهوريت خلاف سازشون ڪيون آهن.

حيران ڪندڙ ڳالهه ته نواز سرڪار ۾ اڪثريت سياسي چهرن جي اها آهي جن پنهنجي حڪومتي دور ۾ پنهنجي ئي حڪومت کي نه بخشيوآهي ۽ سازشون ڪيون،  ياد رهي ته هلندڙ حڪومتي دور ۾ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ته اليڪشن ويجهو هجڻ سبب نواز سرڪار کان سڀ پارٽيون الڳ الڳ ٿي رهيون آهن ۽ نواز سرڪار جي انهي ڏکيائيءَ واري سفر ۾ نواز ليگ جو ساٿ ڏيڻ کان لاچار آهن، پر هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته نواز سرڪار جي  حڪومتي  سفر  ۾ جيڪو هنن کي پنهنجي ماڻهن ڏکيو ڪيوآهي، شايد اهڙو ڏکيو ٻيو ڪنهن نه ڪيو آهي، نواز سرڪار هن وقت چؤطرف سازشن جي سٽ ۾ آهي، جڏهن ته انهن سازشن جا پيرا اڪثر نواز ليگ جي پنهنجن ئي ماڻهن ڏانهن وڃي رهيا آهن،  هن وقت نواز سرڪار سخت دٻاءَ جو شڪار آهي، ٿي سگهي ٿو انهي سخت دٻاءَ جي سٽ ۾ هنن جي اقتدار جو سڳو ڪٿي سٽ نه سهندي ٽٽي پوي، پر نواز سرڪار جي پريشانين مان مختصر اندازو انهي مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن انهن جي پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن ۽ قومي اسيمبليءَ جي موجوده اسپيڪر جهڙي اهم عهدي، پارٽي ۽ حڪومتي ذميوار سردار اياز صادق جو اهڙو بيان سامهون اچي ته ” لڳي ٿو اسيمبليون پنهنجو مدو پورو نه ڪنديون پهريون ڀيرو سياست جي مايوس سفر مان گذري رهيو آهيان“  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جهڙي اهم ذميوار شخصيت جي اهڙي بيان کانپوءِ ڀل پارٽي سربراهه نواز شريف پاڻ اهڙي ترديد پيش ڪري ته جمهوريت کي ڪو به خطرو نه آهي ۽ نواز ليگ حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪندي پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ڏنل بيان جي وڌيڪ اهميت آهي ۽ موجوده سياسي صورتحال ۾ سردار اياز صادق جو بيان وڌيڪ اهميت رکي ٿو، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اهڙي بيان کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊز خورشيد شاهه چيو آهي ته اياز صادق جي بيان کان به وڌيڪ صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، اسپيڪر اندر جي ڳالهه ڪئي آهي پر حالتون انهي کان به مشڪوڪ لڳن پيون، ملڪي حڪمرانن جي اهڙي صورتحال هوندي به نواز ليگ پاران اقتداري ضد ۽ هر حال ۾ اقتدار ۾ رهڻ واري هوڏ ملڪ کي هزار خطرن  جو منهن ڏيکاري پئي، اهڙي صورتحال ۾ ٿيڻ ته ائين کپي ها ته نواز سرڪار کي حڪومت مان هٿ ڪڍي عوام کان معافي وٺڻ سان گڏوگڏ  اهو اعلان ڪرڻ کپي ها ته هو ملڪ ۾ سياسي ٽڪراءَ واري سياست ۽ ملڪ لاءِ هزارين مسئلن جي بچاءَ لاءِ اهڙو اعلان ڪري رهيا آهن پر نواز ليگ  سياسي ذميواري ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪرڻ بجاءِ سياسي غير سنجيدگيءَ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، هن سياسي سنجدگيءَ واري فضا ۾ سياسي تڪرار واري هوا ڀري ڇڏي، جيئن ملڪي صورتحال اڃان به وڌيڪ خطرن جو منهن ڏسي.

نواز سرڪار هميشه جمهوريت پسنديءَ ۽ ملڪ جي ترقيءَ جو ڳالهيون ڪيون آهن پر هنن جي سياست انهن سڀني معاملن جي ابتڙ رهي آهي، نواز سرڪار جمهوريت پسند، ملڪ ۽ عوام دوست تڏهن سڏجي ها، جڏهن هنن مٿان پاناما ڪيس جهڙو ملڪ کي پوري دنيا ۾ بدنام ڪندڙ اسڪينڊل سامهون آيو هو،  انهي اسڪينڊل کانپوءِ نواز ليگ پاڻ چيو هو ته عدالتي ڪميشن جوڙي رهيا آهيون، جنهن ڪميشن جيڪو فيصلو ڏنو اهو نواز ليگ کي قبول هوندو، جڏهن عدالتي ڪميشن  جي اعليٰ سطحي جاچ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان وقت جي وزير اعظم محمد نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ته نواز ليگ وارن فيصلو قبول ڪرڻ بجاءِ عدالتن مٿان الزامن جا حملا ڪيا، هنن اعليٰ عدالتن ۽ فوج کي ڳالهائڻ شروع ڪيو، هنن عهدو ڇڏڻ جي سياسي اخلاقيات جو مظاهرو ڪرڻ بجاءِ هنن سياسي غيرسنجدگين جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، هنن پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ پوري ملڪي سياسيت کي ٽڪراءَ ڏنو،  هنن ملڪي صررتحال کي خطرن جي قرباني ڏني، امن جي قرباني ڏني، ملڪ کي مهانگائي جو طوفان ۽ ڊالر جي قيمت کي پر هنيا، صرف پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ نواز ليگ سرڪار جي اهڙي پاليسي ملڪي صورتحال ۽ سياسي ٽڪراءَ ملڪ کي اڃان وڌيڪ هزارين خطرا سامهون ڏئي سگهي ٿي.

جيڪڏهن نواز سرڪار جي اهڙي هوڏ ۽ سياسي ڪارڪردگي رهي ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جو اهو طوفان ايندو جيڪو  سياست جا سڀ اصول ۽ سياست جا سڀ اخلاقيات وارا قدر اڏاري هڪ اهڙي ماحول کي جنم ڏيندو جيڪو ماحول سياسي مستقبل لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿيندو، هن ملڪ جو عوام چاهي ٿو ته جتي اسپيڪر اياز صادق هڪ حقيقت واري ڳالهه ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري سگهي ٿو، اتي نواز سرڪار سياسي اخلاقيات جو مظاهرو ڪري حڪمراني هوڏ کي پاسي رکي اقتدار جو رستو ڇڏي، ملڪي بهتريءَ لاءِ عوام مٿان جمهوريت جي نالي تي ڪيل ڪرپشن جو اهو بار به هٽائي سگهن ٿا، جيڪو بار هن ملڪ جو عوام ساڍن چئن سالن کان برداشت ڪندو پيو اچي.

هاڻي جڏهن ملڪي سياست جو گاڏو نواز ليگ اهڙي هنڌ اچي بيهاريو آهي، جتي هنن جي سياسي اخلاقيات جو مرندڙ معيار هنن جي حڪومت سان گڏوگڏ هنن جي سياست جا رستا به سيل ڪري ويٺو آهي، اتي نواز ليگ کي وري به اقتداري هوڏ ڇڏي سياسي اخلاقيات جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جيڪو ئي رستو هنن جو مستقبل ۽ سياسي گرائونڊ بچائي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾هو اهڙي سياسي هوڏ جي وهڪري ۾ وهي ويندا، جتان هنن کي 10 سال معاهدو ڪري سعودي عرب وڃڻ وارو ئي رستو ڏسڻو پوندو، ڇو جو هو سياسي نادانين سبب پنهجا سڀ رستا وڃائي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے