21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

تڪ بندين واري ترميمي بل جي منظوري.!

مصطفيٰ  جمالي

پاڪستان جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تڪ بندين جي حوالي سان لاڳاپيل اپوزيشن جي راءِ کي تحفظ ڏيندي تڪ بندين واري بل کي سڀاڻي سينٽ مان منظور ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي،جڏهن ته اپوزيشن جي تجويز تي پاڪستان حڪومت آدمشاري جي پنج بلاڪن جو آڊٽ 30 ڏينهن اندر ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي،جنهن جي نگراني خود وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪندو،جڏهن ته انهي جو ٻاهريون جائزو وٺڻ لاءِ پنج رڪني بئينچ جوڙي وئي آهي،جمع جي ڏينهن پارليامينٽ ۾ وزيراعظم سان ٿيڻ واري ملاقات ۾ تڪ بندين واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون،انهيءَ اجلاس دوران ترڪي اندر ٿيل او آءِ سي  جي اجلاس جي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. ، ان وقت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اهو به چيو ته حڪومت اهو چاهي ٿي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ ۽ وقت کان پهرين چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ به اجائي آهي،جڏهن ته ٻين پارٽين کي به گهرجي ته وقت تي ٿيندڙ چونڊن جي معاملي تي حڪومت سان سهڪار ڪن،اجلاس دوارن سينيٽر ۽ ناليواري قانوندان اعتزاز  احسن جو چوڻ هو ته هو اميد ڪري ٿو ته حڪومت پنهنجي ڪيل ڳالهه تي قائم رهندي ۽ پنهنجي ڪيل واعدي کي وفا جو پاڻي ڏيندي.

هونئن به سينيٽ اندر ترميمي بل جي منظور ڪرائڻ لاءِ  پهرين به ڪيترائي دفعا اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي،پر عين وقت تي پرسرار انداز ۾ سمورو معاملو خراب ٿيو وڃي.انهي معاملي جي ڪري اڄ تائين بل جي منظوري جو معاملو هلندو پيو اچي جيڪو هل ٿي نه سگهيو آهي،سنڌ حڪومت ٿيل آدمشاري  جي انگ اکرن جي نتيجن تي ڪيترائي شڪ شبا  ظاهر ڪيا آهن، جڏهن ته انهيءَ معاملي تي ڪائونسل اجلاس پڻ ڪوٺايا ويا آهن. جنهن اندر اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته آدمشاري جي حوالي سان جيڪا آڊٽ تيار ڪيا ويا، جنهن مان يا به اپوزيشن مطئمن نه ٿي يا ته پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ اهو موقف اختيار ڪيو ويو، جنهن اندر اهو واضع ڪيو ويو ته اپوزيشن اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ بلاڪ آڊٽ تيار نه ٿو ڪري سگجهي، ان ڪري اها به ڳالهه واضِع آهي ته جيڪڏهن آڱاري جي ڏينهن تائين اپوزيشن مميبرن مڃي ٿا وٺن ته بل ضرور منظور ٿي ويندو،

آدمشماري جي نتيجا جئين ظاهر ٿيا ته ان جي مطابق ٻين صوبن جنهن ۾ خيبرپختوخواهه بلوچستان جي قومي اسمبلي ميمبرن جي سيٽن ۾ اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هن هڪ سيٽ جو اضافو ڪيو ويو، جيڪو وڌي ڪري وڃي 9سيٽن تائين پهچندو، جڏهن ته سنڌ اندر اپوزيشن برقرار رهندي جڏهن ته اهي عبوري انتظام انهي لاءِ ڪرڻا پيا آدمشماري جي مڪمل نتجا اپريل کان پهرين اچڻ جا ڪي به امڪان ناهن،۽ جيڪڏهن وقت تي اليڪيشن ٿئي ٿي ته اليڪيشن جي سِيٽن اندرڪمي پيشي  ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن قومي اسمبلي جي سيٽن جو تعداد وڌائڻ ضروري به ٿي ها ته عبوري نتيجا نئين تڪ بندين جي خاطر آئيني ترميم  انهي لاءِ ضروري آهي انهي لاءِ بل جي منظوري لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو ويو آهي،جڏهن ته انهي ڪوششن جي باوجود به حڪومت اڃان تائين بل منظور نه ڪرائي سگهي آهي،جڏهن ته هاڻ اتفاق راءِ آخري مرحلن ۾ پهچي چڪو آهي جنهن اندر اپوزيشن پارٽيون راضي ٿي ويو آهن جنهن مان لڳي ٿو ته آڱاري جي ڏينهن اهو بل شايد منظور ٿي وڃي،ڇو ته هاڻ بل آڊٽ خود وزيراعظم پنهنجي نگراني ۾ ڪيو آهي جنهن ڪري هاڻي يقين ڪرڻ گهرجي ته اهو بل هاڻي منظور ٿي ويندو ۽ حڪومت هڪ سٺي ڪاميابي ڏانهن وڌي رهي آهي،

سنيٽ پارليامينٽ جو بالا ايوان آهي ۽ ضروري ناهي ته ايوان اندر هر حڪومت جي اڪثريت حاصل هجي،ڇو ته ماضي اندر اهڙيون ڪافي حڪومتون گذريون آهن جنهن وت سينٽ جي اڪثريت نه هئي،انجي باوجود به هو قانون سازي جو ڪم پنهنجي مرضي سان ڪنديون رهيون،۽ ڪنهن به آئيني ترميم جي ضرورت نه پئي،انهي لاءِ ايوان اندر اتفاق راءِ  جو مسئلو حل ڪيو ويو هو، ارڙهين ترميم جي منظوري انهيءَ  لاءِ هڪ سٺي مثال آهي، هي ترميم پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور حڪومت اندر منظور ٿي هئي ۽ ڪافي عرصي تائين اها ترميم جاري رهي، جنهن تي مڪمل طور ڪم به ٿيندو رهيو، انهيءَ ترميم جو موجود سينيٽ چيرئمين  رضا رباني هن سموري عمل جي روح روان ٿيل هو،انهي ڪوششن سان هي ترميم اتفاق راءِ سان منظور ٿي.انهي سلسلي ۾ قابل ذڪر ڳالهه هي آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي قومي اسيمبلي اندر ڪا اڪثريت حاصل نه هئي،انهي جي باجود به هن پنهنجي عهدي جي مدت پوري ڪئي ۽ آئيني ترميم به منظور ڪرائي جنهن جي لاءِ ٻه ڏهائي اڪثريت هجڻ لازم هوندي آهي پاڪستان پيلزپارٽي انهي سلسلي ۾ ٻي اپوزيشن جماعت، جنهن ۾ پاڪستان مسلسم ليگ ن جو سهڪار حاصل ڪري ورتي هو جيڪو قومي اسلبمبي جي سڀ کان وڌيڪ اپوزيشن پارٽي هئي.

هاڻي هي حڪومت جو ڪارنامو هو ته مخالف جماعتن جو مثبت ڪردار جي ارڙهين ترميم جي راهه ۾ ڪا به رنڊڪ نه آئي، جڪيڏهن هاڻ اهو چيو پيو وڃي ته تعاون جي جوش ۾ ڪجهه اهڙا معاملا به ڪري ورتا هئا جيڪي نه هجن ها ته بهتر هو،ڇو ته انهن جي مثبت نوان منفي نتيجا نڪري رهيا آهن.رضا رباني کي اها شڪايت عام رهي آهي ته ارڙهين ترميم جي روح جي مطابق عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ ڪيتريون قوتون ته انهي ترميم کي واپس ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون رهيون آهن،ممڪن آهي ته ان جا خدشا صحيح هجن پر جسيتائين ڪجهه قوتن جو تعلق آهي ته اهي ته صدارتي نظام جون ڪوششون به ڪري رهيون آهن ۽ ڪجهه سياسي اڳواڻن جي پاران انهي جي حق ۾ سري عام بيان پڻ ڏنا پيا وڃن،انهي لاءِ اهڙي قوتن کان ڊڄڻ جي بجاءِ آئين جي سڌي رستي تي هلڻ سڀ کان بهتر عمل هوندو ڇو ته آئين جي مطابق هلڻ سان ئي معاملا حل ٿي ويندا آهن.انهي ڪري اهڙين سمورين قوتن جو جواب اهو ئي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن تعاون سان گڏ آئين تي مضبوطي سان قائم رهن ۽ ڪو به اهڙو ڪم نه ڪن جنهن سان ايندڙ چونڊن تي وقت کان اڳ ڪو خراب اثر نه پوي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے