21 ہفتہ , اپریل 2018

ماحولياتي تبديلي جا سبب، خطرا ۽ انساني بچاءُ

عبدالقيوم ٽالپر

باريڪ بيني ۽ تيز فهمي سان جيڪر دنيا کي ڏٺو وڃي ته جيئن ئي اها سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهي آهي تيئن ئي ماحولياتي تبديلي جا خدشا ويتر گھٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن. ٿيڻ ته ايئن کپي ته سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي سان ماحولياتي تبديلي جي خطرن کي ٿلهي ليکي سمجهي اُن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف پاليسيون جوڙيون وڃن. پر ڪن ملڪن ۾ ايئن ٿيندي ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي. ڇو ته اٽڪل هر ملڪ ۾ تيل سان هلندڙ گاڏين ۽ دونهون خارج ڪندڙ ملن ۽ ڪارخانن تي ماحولياتي تبديلي تي ضابطي جي لحاظ سان صحيح پاليسيون ڪونهي جيڪڏهن آهن به ته اُنهن تي عمل درآمد ڪونه ٿو ڪيو وڃي. مطلب ته ڳالهه ڦري ڪري ماحولياتي تبديلي ڏانهن بي ضابطگي ۽ بي ڌياني وٽ اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ اُن تي ضابطي لاءِ پاليسيون ڪونهن يا انهن تي عمل ڪونه پيو ٿئي ته پوءِ اُن ملڪ سان گڏوگڏ پاڙيسري ملڪ به ٿوري حد تائين اُن جي منفي اثرن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هونئن ته گهڻا ئي ملڪ ماحولياتي تبديلي تي ضابطي ۾ بي وس بڻيل آهن. پر هماليه جبل هئڻ جي ڪري برصغير جي ملڪن ۾ ماحول دشمن شين جي لڳاتار استعمال  سان وڌيڪ خطرو آهي. ڇو ته گاڏين ڪارخانن ۽ ملن مان نڪرندڙ دونهون وغيره ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ماحول دشمن شيون هوا ۾ مٿي وڃي ڪيميائي عمل ڪري شعاعن سان ملن ٿيون. اهي خطرناڪ شعاع هماليه جبلن تي وڏن گليشيئرن جي ڳرڻ جو مک سبب پيا بڻجن جنهن جي ڪري سمنڊ جي سطح مٿي ٿي رهي آهي ۽ پاڻي وڌي رهيو آهي جيڪو وڏين ٻوڏن کي به آڻي سگھي ٿو. ان کان سواءِ هڪ رپورٽ ۾  اهو پڻ خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته 2050 ع تائين پاڻي جي صطح ايتري ته وڌي ويندي جو اهو ساحلي پٽين وارن شهرن کي ڳڙڪائي ويندو جنهن ۾ ڪراچي پڻ شامل آهي.

ماحولياتي طرح پاڪستان هڪ انتهائي ڪمزور خطي ۾ واقع آهي، جنهن جي تصديق گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس 2017ع ۾ ڪئي وئي آهي. اُن انڊيڪس موجب پاڪستان ماحولياتي رسڪ ۾ ستين نمبر تي بيٺو آهي. اهو ياد رکڻ کپي ته هماليه مان 4 درياهه نڪرن ٿا اُهي انڊيا مان ٿيندي اچي پاڪستان ۾ سنڌو ندي سان ملي هڪ ٿي ڪري ڏکڻ طرف وهندي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڪستان کي اِن مان وڌيڪ خطرو آهي انهي ڪري پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي تي ضابطي ۾ وڌ کان وڌ حصو ادا ڪرڻو آهي.

پاڪستان گذريل 30 سالن کان وٺي ماحولياتي تبديلي جي ڪري پنهنجا ڀيانڪ اثر ڏيکاريندو آيو آهي. جنهن جو سلسلو 1990 ع ۾ سخت برساتن کان شروع ٿيو جنهن ڏکڻ سنڌ ۾ وڏيون تباهه ڪاريون آڻي ڇڏيون. اميرن لاءِ ڄڻ ته ڪوبه نقصان نه ٿيو پر انهن جي ڪري غريبن کي تمام وڏو مالي نقصان ٿيو هو، لڳاتار مينهن وسڻ جي ڪري غريبن جا گھر ڪري پٽ ٿيا ۽ مال متاع جو به ڪافي نقصان ٿيو هو. 1992 ۽ 1994 ع ۾ به سنڌ توڙي سڄي پاڪستان ۾ تيز برساتون ٿيون. 1999 ع ۾ تيز طوفان مالي نقصان سميت وڏي پيماني تي جاني ۽ ماحولياتي نقصان جو سبب بڻيو. 2000 ع ڏکڻ سنڌ  ۾ زلزلي سخت مالي توڙي جاني نقصان ٿيو. 2003 ع ۾ پڻ شديد برساتون پيو. ان کان پوءِ 2005 ع ۾ ڪشمير ۾ بُت ڪانڊارجندڙ زلزلو آيو جنهن خطي ۾ تباهي آڻي ڇڏي ۽ پڻ ايترو ته مالي ۽ جاني نقصان ٿيو جنهن جو ڪو ڪاٿو ڪونه ٿو لڳائي سگھي. 2011 ع ۾ عظيم ٻوڏ آئي جنهن بابت 80 سال ڄمار واري منهنجي ڏاڏي چيو ته هن اهڙي ٻوڏ پنهنجي 80 ورهين جي ڄمار ۾ ڪڏهن به ڪونه ڏٺي. اهو سڀ گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران ماحولياتي تبديلي جا ئي اثر آهن.

ڳالهه رڳو اِتي ختم ڪونه ٿي ٿئي. ماحولياتي تبديلي هڪ عالمگير مسئلو آهي ۽ اُن جا ڪيترا ئي سبب آهن جيڪي ماڻهن پاڻ ئي پنهنجن مفادن لاءِ پئدا ڪيا آهن. جنهن عمل جو شڪار هوا پڻ آهي. هوا الله طرفان مليل هڪ قيمتي شيءِ آهي پر ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي ته انسان پنهنجي مفاد خاطر اهڙي قيمتي شيءِ کي ڪيئن ته گندگي سان ڀري ڇڏيو آهي. قدرتي گئس، پيٽرول ۽ ڊيزل وغيره جي ڳولهي هٿ ڪرڻ کان پوءِ انسان جي صحت کي ڪافي هاڃو رسيو آهي ڇو ته اهي سڀ شيون دونهون پئدا ڪندڙ آهن ۽ اهو ڌونهون اسان روز ڪافي مقدار ۾ هوا سان گڏ ساهه ۾ کڻي رهيا آهيون. نتيجي ۾ انسان ڦڦڙن جي ڪينسر، ٽي بي، ۽ ٻين به ڪيترن ئي گلي جي بيمارين ۾ مبتلا آهن. نه صرف اهو پر انسان جي هٿان ساڙيل ڪچري جا انبار ۽ ساڙيل پلاسٽڪ به انسان جي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. ان کان سواءِ پاڻي جيڪو انساني بنيادي ضرورت واري شيءِ آهي، اهو به انسان لاءِ هاڻ زهر مثل ڪيو ويو آهي. هڪ تحقيق موجب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي 17 ضلعن ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو فضلي وارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن ۽ ڪراچي ۾ ته 80 سيڪڙو پاڻي غلاظت وارو آهي. مطلب ته روز انسان پاڻي جي شڪل ۾ زهر جا پيالا پيئي رهيو آهي. گندي پاڻي انسان جي فصلن کي به تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ڇو ته ڪيترن ئي هنڌن تي فصلن کي اهو پاڻي ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ ڪارخانن ۽ ملن جو غلاظت وارو پاڻي مليل آهي. اهڙي طرح فصل به سٺي مقدار ۾ ڪونه ٿا ٿين ۽ گندو پاڻي ڏيڻ سان زرخيز زمينون به هاڻ رڳو بنجر پيو ٿين. وڻن کي به وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. اها حڪومتن لاءِ هڪ وڏي للڪار آهي. جيڪڏهن وقت سر اُن کي روڪيو نه ويو ته اهو وڏي تباهي کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. آبهوائي تبديلي جو وڏو سبب وڻن کي وڍڻ به آهي. ڇو ته اسان روز الاهي ڪيترا ڀيرا آڪسيجن پنهنجي اندر جذب ڪريون ٿا جيڪا اسان کي زندهه رکي ويٺي آهي. وڻن کي وڍڻ مطلب ته موت کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪرڻ آهي. ٻهراڙين جي ماڻهن جو گذر سفر ئي وڻن کي وڍي وڪرو ڪرڻ سان آهي ۽ اهڙي طرح روز هزارن جي تعداد ۾ وڻ وڍجي رهيا آهن. جنهن جي روڪ ٿام نه آهي ۽ نه ئي ڪو وڻن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ حڪومتي پاليسيون آهن. ڪٿي آهن به ته ورلي انهن تي عمل ٿئي ٿو. وڻن کي وڌ ۾ وڌ پوکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي جيئن اسان کي تازي هوا نصيب ٿي سگهي. 2015 ع ۾ عالمي بينڪ جي اندازي موجب هاڻ رڳو وڃي 1.9095 سيڪڙو ٻيلا بچيا آهن. ان کان سواءِ هڪ تحقيق ٻڌائي ٿي ته 1990 کان 2010 ع تائين 1.66 سيڪڙو ٻيلن جونقصان ٿيو آهي. وڻن ۽ ٻيلن جي وڍجڻ سان تمام گهڻين نئين بيمارين منهن ڪڍيو آهي جيڪي انسان ذات کي سخت نقصان رسائي رهيون آهن. گرين هائوس گئسن جو خارج ٿيڻ جي به شديد ضرورت آهي ڇو ته اهي انسان لاءِ تمام گهڻيون خطرناڪ آهن. انسان جي وڌندڙ تقاضائن ۽ ضرورتن پنهنجو منفي اثر اوزون ليئر تي وڃي ڇڏيو آهي، جيڪو ڌرتي تي هڪ حفاظتي ڪوچ جيان ڪم ڪري ٿو. اهو سج مان ايندڙ موتمار ريڊيئشنز کي ڌرتي ڏانهن اچڻ کان روڪي ٿو، جيڪي انسان ۾ ڪينسر ۽ ٻين به ڪيترن ئي خطرناڪ بيمارين کي آڻڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ڌرتي تي انسان ذريعي استعمال ٿيندڙ گئسون ۽ تيل وغيره آسمان ۾ اوزون ليئر کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن جنهن ڪري گلوبل وارنيگ سخت متاثر ٿي رهي آهي. گرين هائوس گئسن کي زمين تي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪنهن به طرح روڪڻ جي ضرورت آهي.

آبهوائي تبديلي مطلق انٽر گورمينٽ پينل طرفان پيش ڪيل پنجين فيصلي جي رپورٽ ۾ اهو اندازو ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 50 سالن ۾ صرف اسان جي صنعتي سرگرمين جي ڪري هينئر 95 سيڪڙو ماحولياتي تبديلي متاثر ٿي آهي. دراصل انهي عمل جي ڪري ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ تيزي سان گذريل 50 سالن ۾ وڌي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو ئي عمل رهيو ته ان سان گولي ۾ انساني زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي جنهن جو ڪو ازالو ئي ڪونهي. انسان ايترو ته بي رحم بڻجي ويو آهي جو اهو مختلف طريقن سان پنهنجي چئو طرف ماحول ۾ گندگي ڪرڻ کان پوءِ هاڻي سامونڊي جيوتن جي زندگين کي به پاڻي ۾ رهڻ لاءِ ڏکيو بڻائي رهيو آهي. گند ڪچري، فالتو شين ۽ ڪيميڪل واري پاڻي ۽ ايسڊن جي اُڇلاڻ سمنڊ ۾ رهندڙ جيوتن جي زندگي کي ڪافي متاثر ڪيو  ويو آهي. هڪ تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته هر سال سمنڊ ۾ 270 ملين ٽن تائين ڪچرو اڇلايو وڃي ٿو جنهن جي ڪري هر سال لکن جي تعداد ۾ سامونڊي جيوت مري رهيا آهن. اهو عمل به وڏي تعداد ۾ ماحولياتي تبديلي منفي اثر پئدا ڪري رهيو آهي جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.

افسوس جي ڳالهه آهي پاڻي جي ڪيتري نه بي حرمتي پئي ڪئي وڃي. هوا کان سواءِ به انسان جو ڌرتي تي رهڻ ناممڪن آهي، ان وانگر وڻ ٽڻ به انسان کي آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ۽ خطرناڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. پر انسان خود ئي انهن سڀني شين کي پاڻ تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي واري معامري ۾ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ اُن تي ضابطو رکڻ لاءِ ماحول دوست  پاليسين کي جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي. اُن تي سڀ کان اهم اهو آهي ته ماڻهن ۾ اِن جي حوالي جاڳرتا آڻجي. اِسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين ماڻهن کي ماحولياتي اهميت کان آگاهه ڪجي. جيترو ٿي سگھي ماڻهن کي وڻن جي، پاڻي جي ۽ اهڙين ٻين نعمتن جي اهميت جو ٻڌايو وڃي ۽ هر ڪنهن کي اهو درس ڏنو وڃي ته اهو حاصل ڪيل ڄاڻ ٻين ڏانهن به منتقل ڪن. اهڙي طرح اسان ماحولياتي تبديلي جي خطرن کان بچي سگھون ٿا

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪومي جو ڪتاب ۽ پاڪستان جي قيادت

اڪرام سهگل صدر ٽرمپ جيمز برئين ڪومي جونيئر کي 9- مئي 2017 کي فيڊرل بيورو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے