26 جمعرات , اپریل 2018

نيوز| سکر: گهوٽڪي واسين جو زرعي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج

سکر ۾ گهوٽڪي جي ڳوٺاڻن زرعي زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ ميهر مهر جي رهواسين دوست محمد، گلبهار ۽ غلام سرور مهر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مارواڙي برادري جي ماڻهن سندن ڏيڍ جريب زمين تي قبضو ڪري مندر ٺاهي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته مارواڙي برادر کي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪرڻ تي هو سندن خلاف احتجاج ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته مارواڙي برادري پاران قبضو ڪيل زمين جا ڪاغذ هنن جي نالي تي آهن، پر روينيو عملدار سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي زمين تي قبضو ختم ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے