24 منگل , اپریل 2018

نيوز| لعلورائنڪ: چئني صوبن جي سگهڙن ۽ تاريخدانن جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي

سنڌ ادب تي تحقيق ڪندڙ محققن چيو آهي ته سنڌ جو ادب تاريخ جو باب آهي، جنهن جو هر هڪ حصو تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب سان مالا مال آهي. لعلورائنڪ ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران ٻن ڏينهن واري  تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ملڪ جي چئني صوبن جي ناميارن سگهڙن، شاعرن، اديبن ۽ تارخدانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن ملڪ سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ادبي پورهيو ڪندڙ قلمڪارن کي تاج پارائي ڀيٽ پيش ڪئي وئي.  ان موقعي تي تقريب ۾ شريڪ مهانن لوڪ ادب جي تاريخ تي روشني وجهي نئين ٽهي کي علم ۽ ادب سان چاهت رکڻ جو درس ڏنو. تقريب جي پڄاڻي تي صحافين کي پڻ ايوارڊ ۽ شيلڊون پيش ڪيون ويون…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لاکاروڊ : روڊ رستا تباهه هجڻ ڪري رهواسين کي تڪليف، ڪاروبار تباهه

بک، بدحالي، بيروزگاري، پاڻي کوٽ ۽ ڌاري آبادڪاري سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے