18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز| آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي اومني گروپ سمجهي هلائي رهيو آهي: ف ليگ اڳواڻ

پاڪستان ملسم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي آخري پساهه کڻي رهي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام ڪرپٽ حڪمرانن کي شڪست ڏئي جي ڊي اي کي ڪامياب ڪندو. نواب شاهه ۾ پارٽي ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ف ليگ سنڌ جي صدر صدر الدين شاهه راشدي چيو ته پ پ جي جاگير دار حڪمرانن 9 سالن جي عرصي دوران ڪرپشن جا نواز رڪارڊ قائم ڪيا آهن، هن چيو ته زرداري سنڌ حڪومت کي اومني گروپ سمجهي هلائي رهي آهي، جنهن سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي بدنيتي تي ٻڌل پاليسين سبب آبادگار ڪمند جو اگهه مناسب نه ملڻ سبب پنهنجو فصل ساڙي احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پ پ جي حڪومت ۾ حق گهرندڙ آبادگارن کي پوليس هٿان تشدد جو نشانو بڻائي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي سردار رحيم ۽ نصرت سحر عباسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي سجاڳ ٿي ويو آهي، ايندڙ چونڊن شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي عوام دشمن پاليسيون جوڙيندڙ حڪمرانن جي رستا روڪ ڪندو. سندن چوڻ هو ته پ پ جا اڳواڻا ٻه ڪرپٽ وزير قانون جي گرفت ۾ اچڻ بعد بيماري جو بهانو بڻائي رهيا آهن.  هنن چيو ته سندن حڪومت ۾ زرداري ليگ خلاف ڪارروائي ڪري عوام جي ڦريل دولت جو حساب ورتو ويندو.  سندن چوڻ هو ته ملڪ جي ٽن صوبن مان نيڪالي مليل پ پ کي سنڌ ۾ تاريخي شڪست نصيب ٿيندي، عوام جي ڊي اي کي ڪامياب ڪري پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪرائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور: 7 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

عادلپور م  7محرم الحرام  جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ماتمي جلوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے