18 اربع , جولاءِ 2018

عدليه ڪنهن پلان جو حصو ناهي، دٻاءَ هجي ها ته حديبيه جو اهڙو فيصلو نه اچي ها:چيف جسٽس

لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عدليه تي دٻاءُ ناهي نه ئي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪير ڄائو آهي. عدليه ڪنهن پلان جو حصو هجي ها ته حديبيه پيپر جو اهڙو فيصلو نه اچي ها. لاهور ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي، جڏهن ته ڪو اهڙو پيدا ئي نه ٿيو آهي جيڪو اسان کي دٻاءَ ۾ آڻي. هن چيو ته اسان جي نظام ۾ دير سڀ کان وڏي خرابي آهي،  اهي سائل جيڪي حق تي آهن جنهن کي هر پيشيءَ تي وڃڻو آهي اهو ڏينهن سندس فيملي لاءِ موت جو ڏينهن آهي، اهو ڪڏهن جج، ڪڏهن وري وڪيل جي مصروفيت سبب موٽي ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته چيمبر وڃي ججن کي گاريون ڏيڻ ڪٿان جو شيوو آهي، هڪ جج لاءِ  ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، اسان ماڻهن کي سندن معيار موجب انصاف نه ڏئي سگهيا آهيون، ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته عدليه جو ادارو توهان جو بزرگ آهي، جڏهن بزرگ فيصلا ڪندو آهي ته ڪو بزرگ کي گاريون نه ڏيندو آهي، بزرگ جي عظمت تي شڪ نه ڪيو وڃي، توهان جي خلاف فيصلو اچي وڃي ته اهو نه چئي ته بابو ڪنهن پلان جو حصو بڻجي ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان ڪنهن پلان جو حصو نه ٿينداسين، سموري ايمانداري، جذبي، ديانت فيصلا فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن خلاف فيصلو ٿي ته سبب ٺيڪ نه ٿي سگهي ٿو پر پلان ۽ دٻاءُ ڪٿان آيا، ڪنهن اسان کي چيو ته اهڙي نموني فيصلا ڪيو، سندس چوڻ هو ته 18 هين ترميم جي فيصلي ۾ پارليامينٽ جي حاڪميت قبول ڪئي آهي، ان کي پڙهيو وڃي، رياست جا سمورا اسٽرڪچر جمهوريت سان گڏ آهن، جيڪڏهن جمهوريت ناهي ته آئين ناهي، الله نه ڪري ته آئين ناهي ته ملڪ کي ڇيهو رسي. چيف جسٽس چيو ته اسان ۽ اسان جي ساٿين قسم کنيو آهي ته آئين جو تحفظ ڪنداسين، پنهنجي ٻارڙن کي شرمساري سان ڇڏي نه ويندس. هن چيو ته حلفيا چوان ٿو ته مون کي خبر نه هئي ته حديبيا پيپرز ملز ڪيس جو فيصلو ان ڏينهن اچڻو آهي، مان چيو آهي ته ڪو به فيصلو هڪ مهيني کان وڌيڪ محفوظ نه هئڻ گهرجي، توهان کي خوش ٿيڻ ۽ پنهنجي عدليه تي ناز هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن جو وس هلي ها ته حديبيا پيپرز ڪيس جو فيصلو ايئن نه اچي ها جنهن نموني آيو آهي، هر جج فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ٽي وي تي تبصرا ٿيندا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ڪو  به ورهاڱو ناهي، جج پنهنجي علم موجب ڪم ڪري رهيا آهن، هر جج پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ آزاد آهي. هن چيو ته قانون ۾ جيڪڏهن ڪٿي غلطي آهي ته نشاندهي ڪرڻ جج جي ذميواري آهي، قانون موجب فيصلو ڪرڻ هر جج جي ذميواري ۾ شامل آهي.جڊيشل اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته نظام تبديل نه ٿيڻ سبب عوام کي انصاف نه پيو ملي،  اسان پنهنجي قانون کي جديد نقاضن موجب بهتر ناهي ڪيو، اسان جو نظام پراڻو ٿي چڪو آهي، سڌارن جي ضرورت آهي، سڌارن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ناهي. هن چيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن کي آزاد ڪيو، مان پنهنجو اختيار ڇڏڻ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، لا اينڊ جسٽس ڪميشن انهن ماڻهن کي ڏني وڃي، جيڪو ان کي پورو وقت ڏئي سگهن، اسان قانون جي ڀڃڪڙي جي نشاندهي ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي وچ ۾ مان ڦاسي پيس، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه هوندي ته چيف جسٽس سڌارن لاءِ هٿ کولي رهيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اهو ڪم ڪيو، جيڪو مون کي پهرين ڏينهن ڪرڻ گهرجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

CaretackerCmSindh, ECP

چونڊ ضابطن تي عمل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو : نگران وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے