25 سومر , جون 2018

سنڌ جي زراعت بچائڻ جي گهرج

سنڌ بنيادي طرح زرعي خطو آهي، هتان جي رهواسين جو گذر، سفر، رزق ۽ روزگار جي حوالي سان دارومدار گهڻو ڪري زراعت تي ئي رهيو آهي. اناج، ميون، زرعي جنسن مطلب ته زرعي معيشت جي ڪري ئي سنڌ صدين کان خوشحال خطو رهي آهي ۽ خوشحال هئڻ ڪري ئي سنڌ غاصبن ۽ قبضي گيرن جي اک جو ڪنڊو به رهي آهي. سنڌ جي معيشت کي انگريزن جي ننڍي کنڊ تي راڄ کان پوءِ جيڪو جديد نهري/آبپاشي نظام ڏنو ويو تنهن ويتر طاقت ۽ قوت بخشي.

سو سنڌ جو اهو شاندار ۽ شاهوڪار زرعي نظام گذريل چند سالن کان گهڻ رخن خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. نه رڳو سنڌ جي زراعت پر سنڌ جي آبي، جهنگلي ۽ انساني جيوت به خطري هيٺ آهي. هڪ ته پاڻي ڇڏڻ ۽ نه ڇڏڻ جو اختيار منڍ وارن کي هئڻ ڪري سنڌ پڇڙ ۾ هئڻ سبب زرعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيندي رهي آهي، ٻيو ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ سنڌ ۾ هاڃا برپا ڪيا آهن. بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ويهه لک ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين سم ۽ ڪلر بڻجي آباديءَ لائق ناهي رهي. هر سال سنڌوءَ ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه اچڻ جي ڪري سنڌ جو سڄو جر کارو ۽ ڪوڙو ٿي ويو آهي. سنڌ جي جر جو پاڻي جيڪو سنڌ جا ماڻهو آب حيات سمجهي پيئندا هئا سو زهر ٿي ويو آهي ۽ ٻي ڪا واهه نه هئڻ ڪري سنڌ جا ماڻهو اهو زهر پي پنهنجيون زندگيون موت جي منهن ۾ ڏيڻ تي مجبور آهن. سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ، جيرن، گڙدن مطلب ته الائي ڪهڙين ڪهڙين بيمارين وٺي منهن ڪڍيو آهي. جنهن جو ڪارڻ طب جا ماهر پيئڻ جو مٺو پاڻي ميسر نه هئڻ ٻڌائن ٿا.

سو اها سنڌ جيڪا زرعي طور خوشحال ۽ تندرست سنڌ هوندي هئي، سا سنڌ بي حال ۽ بيمار سنڌ بڻجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو ماڻهو ان ڪري ٻٽو عذاب ڀوڳي رهيو آهي جو هڪ ته 2010ع واري مها ٻوڏ ۽ ٻيو وري 2011ع وارن تباهي آڻيندڙن مينهن انهن جي فصلن کي تباهه ڪيو. اهي فصل جن سان سندن اميدون ۽ خوشيون لاڳاپيل هيون، يعني هڪ ته قدرتي آفتن سنڌ جي ماڻهن جي معيشت کي ڪرُ کڻڻ نه ڏنو، ٻيو 2010ع ۽ 2011ع کان پوءِ هنن پيٽ تي پٿر ٻڌي جيڪا آبادي ڪئي تنهن جا مناسب اگهه نه ملڻ واري اسان جي پنهنجي پيدا ڪيل آفت سندن رهيو کهيو ست ئي ڪڍي ڇڏيو.

سنڌ جو هاري، آبادگار، ايتري قدر جو زميندار به انتهائي رحم جوڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، هاڻي ته کڻي ڪمند جو ملهه ميڊيا جي شهه سرخين جي زينت بڻيو آهي پر ساڳي پرِ  ورهين کان وٺي سنڌ جي سارين، ڪڻڪ ۽ ڦُٽي جي آبادگارن سان ورهين کان وٺي ٿي رهي آهي ۽ سندن ڏکن ۽ دردن جو درمان ڪرڻ وارو ڪو به ڪونهي.

سنڌ جو ماڻهو، هاري، آبادگار قرض پکا کڻي فصل ڪاهي ٿو، مهانگا ٻج ۽ ڀاڻ استعمال ڪري ٿو، اڳ ۾ ججهو پاڻي مهيا هئڻ ڪري کيس گهڻو خرچ نه ڪرڻو پوندو هو پر هاڻي ان کي فصل بچائڻ لاءِ ٽيوب ويل ذريعي پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻو ٿو پئي. يعني فصل تي ڊيزل جو اضافي خرچ به هاري توڙي آبادگار ٻنهي کي برداشت ڪرڻو ٿو پئي. جڏهن فصل لهي ٿو ته ان جو لاڀ هاري بدران سرمائيدار کي ڏنو ٿو وڃي، جيڪو گهٽ اگهه تي وٺي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري نفعو ڪمائي ٿو يا وري ذخيرو ڪري مناسب وقت تي ڪمائي ٿو. يعني سڄو سال لوڙي هاري ۽ آبادگار ٿو، محنت اهو ٿو ڪري، اوجاڳا اهو ٿو ڪري پر جڏهن فصل لهي ٿو، پچي راس ٿئي ٿو ته وچ ۾ دلال ڪاهي پئي ٿو ۽ ٿئي ايئن ٿو ته هاري ۽ آبادگار اهو ئي گهاٽي ۾ ۽ جاوا وري سرمائيدار جا ٿين ٿا، واپارين جا ٿين ٿا. بلڪل ايئن جيئن شگر ملن جو مالڪ ڪمند جي آبادگارن سان ڪري رهيو آهي.

سو سنڌ سرڪار کي سنڌ جي صديون پراڻي معيشت کي دم ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ سرمائيدار دوست پاليسين بدران هاري دوست ۽ آبادگار دوست پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. آبادگار جي 182 رپيا في مڻ ڪمند جو ملهه گهرن ٿا ته اهو سندن حق آهي. ڇو ته کنڊ مارڪيٽ ۾ 50 رپيا وڌيڪ في ڪلو، نه ڪي مڻ وڪرو ٿي رهي آهي. ڪمند جي آبادگار ۽ شگر مل مالڪن جو معاملو اڄوڪو ناهي اهو ڦڏو هر سال ٿئي ٿو، جنهن کي هميشه هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. نه رڳو ايترو پر سرڪاري سطح تي ڪمند جي خريداريءَ جو ڪو مڪينزم به جوڙڻو پوندو. سرڪار کي ڪمند جو به ايئن ئي امدادي اگهه مقرر ڪرڻ گهرجي. جيئن سارين، ڪڻڪ ۽ ڦٽيءَ جو امدادي اگهه مقرر ڪيو ويندو آهي. ان کان پوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ واپاري واڪ ڏيڻ ۽ آبادگارن کان سندن وکر خريدڻ گهرجي.

اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ ۾ ڪنهن هڪ ڌر ۽ طبقي جي مفادن جو خيال رکڻ بدران هڪ طبقي جي مفادن جو خيال رکندي ۽ سنڌ جي زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي ۽ پروگرام ڏنو ويندو. جنهن سنڌ سان زراعت وڌي، نه ڪي دم ٽوڙي.

آچر 17  ڊسمبر 2017ع، 28 ربيع الاول 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے