19 اڱارو , جون 2018

ناکئا مٽايو

حافظ سڪندر تنيو

ڪالھه ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست جي شاديءَ ۾ وڃڻ ٿيو .ماني ءَ جي ٽيبل تي هڪ واقفڪار دوست گڏ ويٺل هيو،  ساڻس ڪچهري ڪندي پڇيم ته تنهنجو فلاڻو دوست آمريڪا۾ رهندو هيو، هينئر ڪٿي آهي هتي ايندو آهي يانه؟

چيائين ته هو هاڻي ڪراچي شفٽ ٿي آيو آهي جو سندس ٻار وڏا ٿي چڪا هئا،  سندن شادين جي پريشاني هئي، جو يورپ جو ماحول کيس پسند نه پئي آيو. ٻارن جوبهتر فيوچرهن سنڌ ۾ سمجهيو انڪري هتي اچي بزنس ڪري ٿو.

هڪ پاسي هن دوست جي هيءَ سوچ هئي ٻئي پاسي وري ڪي اهڙاماڻھو به ڏٺاسين جن کي پئسي جي هوس ايترو ته مصروف رکيو،  جو مٽيون مائٽيون، ابو امڙ، دوست سنگتي، ڳوٺاڻيون فطرت جون خوبصورتيون، پکين جو لامن تي لڏڻ، ڳيرن جون ڳٽڪاريون، تترن جا ٻول، ڪڪڙن جي ٻانگن جا دس، ٽالهين ۽ پپرن جون ڇانؤن، جوئر،  ٻاجهري، ڪڻڪ۽ چانورن جي ماني ساڳ سان کائڻ جو هڳاءُ، گهوگهاري جا سڳداسي چانور، سنڌڙي انبن جون ڦارون چوسڻ، مٿي ۾ سرنهن جو سڻڀو تيل لڳائڻ، مال جي وڳن جو نڪري جهنگ ڏانهن چرڻ لاءِ چڙن جا سريلا آواز، مٽي ء ۾ٻارن جو ويهڻ وڙهڻ، گهرڙا ٺاهڻ، گهر ڌياڻين جون صبح جو کير جون چاڏيون ولوڙڻ، ٻچن کي مهي ۽ مکڻ جا چاڻا کارائڻ، رات جو کير۾ گڏيل کنڊ جو چونريون ڀري پيئڻ، رات جو لوڪ ڪهاڻيون، ڳجهارتون، چرچا ڀوڳ، ساز آوازن سان ذهن کي تازگي رسائڻ، اسر ويل اٿي الله جو نالو وٺڻ لاءِ مسجدين ڏانهن ويندڙ قطارون وغيره سڀ وساري ويهي رهندا آهن.تن لاءِ شاه ڀٽائي ءَچيو ته اهو ڪوئي نڪ وڍيل هوندو جيڪو سڄڻ ۽ ساڻيهھ کي وساري ويٺو هوندو.

مان گذريل سال پنجاب جي دوستن جي شادي ءَ جي ڏنل سڏ تي سگهرو ويل هيس،  ڄڃ لاهور کان راولپنڊي وڃي رهي هئي.مردن ۽ زائفن لاءِ الڳ الڳ سوارين جو انتظام ٿيل هيو .اسين مرد هڪ ڪوچ ۾ ويٺل هئاسين نوجوان ڇوڪرن جا کل ڀوڳ، ناچ گانا، ٺينگ ٽپا هلندا رهيا، هڪ خوبصورت ڊگهي قد وارو ڇوڪرو .رنگ جو ڳاڙهو لال، جسم جي بيهڪ واهه جي وڻندڙ، اکيون ڪهندڙ ڪٽاريون ھيس، منهنجي ڀر ۾ ويٺل هيو. مونکي سنڌي ۽ مهمان سمجهي سفر ۾ ڏاڍي خدمت ڪندو رهيو.

ڪائونٽر تان چانهھ سموسا کڻي اچي ڏيندو رهيو.مون هن جي مامي کان پڇيو هن جو والد ڪهڙو آهي؟ وراڻيائين اها ڳالھه نه پڇ،  هي ٽن سالن جو هيو ته سندس والد ڪمائڻ لاءِ برطانيا ويو اڄ هي ارڙھن سالن جو ٿي چڪو آهي، جو پڻھنس ڪنڌ ورائي پوئتي نه نهاريو آهي.هن جي نوجوان ماءُ پنهنجو جيون هن کي ارپي ڇڏيو،  هن جي ڪري مڙس کان طلاق نه ورتائين. پٽ کي ئي ڪل ڪائنات سمجهي سندس تعليم تربيت، انگل آرا سهندي رهي مٿواڇو ڪري ويهي رهي.مون نوجوان کان پڇا ڪئي پٽ توکي والد جي ياد ستائي ٿي چيائين چاچا اهي ڇٽل ڦٽ ٻيهر نه کولراء، جڏھن ننڍو هيس هرهڪ ٻار کي پنهنجو پيءُ  شاپنگ لاءِ بازار وٺي ويندو هيو مون اڪيلو اداس ٿيندو هيس ته بابا ڪٿي آهي،  امان چوندي هئي تو لاءِ پيسا ڪمائڻ ويو آهي ايندو ته توکي کوڙ رانديڪا وٺي ڏيندو .هو اسان لاءِ پيسا موڪليندو هيو جنهن مان گهر جو خرچ منهنجي پڙهائي ٿيندي هئي پيسي موڪلڻ ۾ ڪڏھن ڪوتاهي نه ڪيائين،  پر چاچا پيسو سڀ ڪجھ ته ناهي هوندو، پپا جو پيار نه مليم ته پيسو ڇا ڪندس.

اهڙي طرح شيخ اياز جي نياڻي جيڪا سندس ٻي گهر واري مان هئي جن کي اياز ڇڏي ڏنو هيو،  ان کان اياز جي مرڻ وقت پڇا ڪئي ويئي ته توهان اياز جي ڇڏيل ملڪيت مان حصو گهرندؤ؟ڇوڪريء وراڻيو جيڪو پيءُ مونکي جيئري پيار مان پتي نه ڏيئي سگهيو ان جي پيسن جي پتي وٺڻ ڪهڙي ڪم ايندي.اهڙي طرح شاعر مشرق فلسفي شاعرسڏجندڙ،  حڪيم ملت علامه اقبال پڻ پنهنجي اڳين گهر واري سان انصاف ڪري نه سگهيو هيو.

ڪجهھ ورهيه اڳ لاهور ۾ اهڙو مقدمو هاءِ ڪورٽ ۾ هليو هيو هڪ شخص راڻا سجاد جي فئملي 1965۾ برطانيا هلي ويئي سجاد پنجن سالن جو هيو اسڪول ڪاليج جي تعليم پرائڻ بعد هن ذاتي بزنس شروع ڪئي هن سان هڪ خوبصورت من موهيندڙ ناري نينهن لائي ويٺي” لوئس ڪيمپبل “نالي

ڇوڪريءَ مذهب ۽ مائٽ ڇڏي سجاد سان پيار جا پلؤ 1981ٻڌي نڪاح ڪيو،  کين چار ٻار عمر.تهمينا، آدم ۽ ننڍڙي مصباح ارم ڄاوا.سال 2000۾ منجهن رنجشون پيدا ٿيون. لوئس کيس ڇڏي پنهنجي ڪزن ڪيني ڪيمپبل وٽ گرل فرينڊ ٿي رهڻ لڳي ٽي ٻار سجاد وٽ رهيا ننڍڙي مصباح اٺن سالن جي ماءُ سان رهڻ لڳي. سجاد ڪجھ عرصو رهڻ کانپوء پاڪستان منتقل ٿي آيو. وڏو پٽ عمر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ھليو ويو .مصباح جو رابطو ڀيڻ ڀائرن ۽ والد سان فون تي رهندو هيو جنهن کين چيو ته هوءَ ماءُ وٽ خوش ناهي روز شراب ۾ ڌت رهي ٿي کيس مارڪٽ ڪري ٿي انڪري مونکي هن جهنم مان ڪڍي وڃو.سجاد تهمينا کي ساڻ ڪري يو ڪي ويو تهمينا مصباح جي اسڪول ويئي. پنهنجو تعارف مصباح جي ڀيڻ طور ڪرايائين اسڪول مان سڌو مصباح کي کڻي پيءُ وٽ آئي شام جو فلائيٽ ۾ هو لاهور هليا آيا. مصباح جي گهرنه پهچڻ ڪري لوئس ٿاڻي تي سجاد مٿان ڌيءُ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو پاڪستان گورنمينٽ کي اطلاع ڪيو ويو انٽر پول سان رابطو ٿيو عالمي ليول تي معاملو اٿيو اخبارن اسٽوريون هلايون. لاهور هائي ڪورٽ ٻارڙي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو .سجاد سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي آخر لوئس جي وڪيل چيو ته آئوٽ آف ڪورٽ نبيرو ڪريون ٿا،  ڳالهيون ٿيون ڪن شرطن تي مصباح والد کي ملي. سجاد کي فڪر ٿيو ته کيس ڪنهن سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايان کيس ٻڌايو ويو ته فلاڻو عيسائين جو مشن اسڪول سٺي معياري تعليم ۽ ڊسپلن وارو آھي اتي داخل ڪرايو وڃي.

منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي ته اسانجي ملڪ۾ 70 سالن ۾ ڪوئي معياري تعليمي ادارو به قائم نه ٿي سگهيو آھي. جتي اسان غريبن جا ٻار ته نه پڙهي سگهن پر پئسي وارن جي اولاد لاءِ به قابل اعتماد ناهن، جو ڪيترابينظير ۽ بلاول اڄ به يورپ ۾ پڙھن ٿا جن کان پنهنجي تعليم. تهذب،  ٻولي،  ريتون رسمون وسريو ٿا وڃن.

ساڳي صورتحال صحت جي اسپتالن جي آهي جو هتي انهن ۾ به وڏن ماڻھن جا علاج زرداري هجي، ميان صاحب هجي، شرجيل۽ ڊار هجي، مودودي ۽ مولوي طارق جميل هجي.عاصم ڊاڪٽر ۽ پرويز مشرف هجي سڀني جي پيٽ ۾ پيل حرام جي دولت سبب انفيڪشن ٿيڻ جا علاج ۽ آپريشن نٿا ٿي سگهن اهڙي طرح ٻين مڙني ادارن منجھه به اوندهه لڳي پيئي آهي.لاڙڪاڻي جو هڪ ايم اين اي جيڪو پرائمري ماستر جو پٽ آهي ان جو علاج به لنڊن مان پيو ٿئي،  هڪ ضلعي عهديدار جيالو پڻ اوڏانهن علاج لاءِ اسهندو رهندو آھي.هتي هي ادارا اسپتالون انگريزن ٺاهيون، اسان کين برباد ڪيوسين .لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ ڪروڙن روپين جون دوائون ۽ مشينون آهن پر حالت هيء آهي جو هڪ ڊاڪٽر صاحب اسپتال لاءِ ملندڙ ٽرڪ ڀريل دوائون اتي جو اتي ڪراچيءَ ۾ وڪڻي ڪاغذن ۾ ڏيکاري ڇڏيون ته مريضن کي ڏنيون ويون، محترما نيب کيس ڪراچيءَ کڻي ويئي کيس ميڪ اپ جو سامان ڊاڪٽر پاران مليو همراه صادق امين بڻجي اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.مان شوگر (مٺا پيشاب)جي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال لاڙڪاڻي ويس. رپورٽ پڙهي ڏندڙجي ويس ته مان هي جيئرو ڪيئن ٿو گهمان ڦران،  جلدي ڪراچي اچي صدر ۾ دي ليب مان ٽيسٽ ڪرايم ته ٻنهي ۾ آسمان زمين جو فرق هيو ۽ مان نئين سر جيئرو ٿي پيس.اهو سڀ ان ڪري ٿيو آهي جو اسانجي سياست، معيشيت جي ٻيڙي هلائيندڙ ناکئا نااهل،  بدڪار۽ بيڪار آهن. جنهن ڪري ملڪي معاشي ٻيڙا ٻڏندا ٿا رهن، جو ڊالر هڪ سؤ پندرنهن سئو تي پڳو آهي انجو حل ھي آهي ته اسانکي.پنهنجا ناکئا (ملاح) مٽائڻا پوندا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي وحدت ۽ سنڌوماٿري جو مقدمو

علي محمد ميمڻ سنڌو ماٿريءَ جون قديم قومون پنهنجي ئي وطن ۾ هزارين سالن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے