24 آچر , جون 2018

سپريم ڪورٽ جا فيصلا، عمران خان ۽ لڪيل طاقتون

وسعت الله  خان

مون اڄ تائين اهو ناهي ٻڌو ته عدالت ڪنهن جي خلاف فيصلو ڏنو هجي ۽ ان جي واتان پاڻ مرادو اهو نڪري وڃي ته خدا جو شڪر آهي جو حق ۽ انصاف جي سوڀ ٿي آهي. اهڙي سوڀ جو اظهار تڏهن ئي ڪيو ويندو آهي جڏهن سندس حق ۾ فيصلو ٻڌايو وڃي. جيئن ٽيون ڏينهن عمران خان جي خلاف حنيف عباسي پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ حق ۽ انصاف جي فتح ٿي. عدالت، تحريڪ انصاف کي ملندڙ غيرملڪي فنڊنگ جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ داخل پٽيشن کي رد ڪندي چيو ته درخواست گذار حنيف عباسي جو ان ڪيس سان سڌو سنئون ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي هو ڌر آهي. ٻيو ته غير ملڪي فنڊنگ جي باري ۾ جاچ پڙتال جو ڪم اليڪشن ڪميشن جو آهي جيڪو ان کي ڪرڻو آهي. عام طور تي ڪنهن به درخواست گذار جي سڌي سنئين ڌر هئڻ يا نه هئڻ جي باري ۾ شروعاتي ٻڌڻين ۾ ئي فيصلو ٿي ويندو آهي پر هن ڪيس ۾ هڪ سال کان وڌيڪ مدي ۾ لڳ ڀڳ 50 کان وڌيڪ ٻڌڻين کان پوءِ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته درخواست گذار جو ڪيس ۾ سڌو سنئون تعلق ناهي.

جيتوڻيڪ عمران خان پنهنجي حق ۾ آيل فيصلي تي شڪراني جا نفل ادا ڪيا پر انهن ئي ٽن ججن جهانگير ترين جي نااهلي جي باري ۾ جيڪو فيصلو ٻڌايو آهي تنهن کي هو حق ۽ انصاف جي سوڀ قرار ڏيندي ڏيندي رهجي ويو. اڃا به جڏهن عدالت جهانگير ترين کي نه صادق ۽ نه ئي امين قرار ڏنو ته خان صاحب فيصلي جي رد عمل ۾ ترين صاحب جي ايمانداري جي شاهدي ڏني.

جنهن جهانگير ترين، اقامي جي ٽيڪنيڪلٽي تي نواز شريف جي نااهليءَ کي حق ۽ انصاف جي سوڀ قرار ڏنو هو تنهن ترين صاحب پنهنجي نااهليءَ کي خالي هڪ ٽيڪنيڪلٽي جي بنياد تي ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ان جي خلاف اپيل جو فيصلو ڪيو آهي. نواز شريف جيئن ته عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ نااهل قرار ڏنل هو تنهن ڪري ان جو مسلم ليگ ن جو صدر بڻجڻ عمران خان چواڻي سياسي اخلاقيات جي پائمالي آهي. پر صادق ۽ امين جي شرطن تي پورو نه لهڻ باوجود جهانگير ترين جو پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري شپ تي برقرار رهڻ گهٽ ۾ گهٽ اوستائين ته ٺهي ٿو جيستائين ان نظرثاني درخواست تي فيصلو نه ٿو اچي يعني هي معاملو اڃا فائنل ٿيڻو آهي.

پر جيڪڏهن رويو پٽيشن ۾ به خدا نه ڪري جهانگير ترين جي سڄي ڄمار نااهلي جو فيصلو برقرار رهي ٿو ته تڏهن به ان جي پارٽي عهدي تي رهڻ ان لاءِ نامناسب نه هوندو جو عمران چواڻي ته جهانگير ترين جي ڀيٽ ٽي سئو ارب رپيا هضم ڪندڙ انهن ڦورن (شريف خاندان) سان ڪرڻ صحيح ناهي.

عمران خان جي شديد کٽڪن باوجود پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کان منظور ٿيندڙ چونڊ سڌارا 2017ع ۾ پارٽي عهدي لاءِ اهليت جو جيڪو معيار رکيو ويو آهي سو رڳو نواز شريف لاءِ ناهي پر اهو ايڪٽ ته هاڻي هڪ قومي دستاويز آهي ۽ پاڪستان جو هر شهري ان مان فائدو وٺي سگهي ٿو، جهانگير ترين به.

ٽيون ڏينهن ئي سپريم ڪورٽ حديبيه پيپر ملز جو ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ نيب کي جهلي ورتو آهي. جڏهن ته ان فيصلي جا سڀ کان وڏي مفادي يعني شهباز شريف ٽوئيٽ ڪيو ته هي حق ۽ انصاف جي سوڀ آهي ۽ ان سوڀ تي هو خدا تعاليٰ  جو شڪر گذار آهي. ان فيصلي جي عدالت کان ڪاوڙيل نواز شريف به کلي آجيان ڪئي آهي پر اهو چڱو ڪيائين جو احتياطن ان کي حق ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو قرار ڏيڻ کان پاسو ڪيائين.

اڪ اور دريا ڪا سامنا ٿا منير مجهه ڪو

مين ايڪ دريا ڪي پار اترا تو مين ني ديکا

هاڻي نيب عدالتن ۾ نواز شريف وغيره جي خلاف هلندر ٽن ريفرنسز ۽ دهشت گردي روڪٿام عدالت ۾ عمران خان خلاف هلندڙ پارليامينٽ ۽ ٽي وي اسٽيشن تي حملن ۽ پوليس جي تحويل مان زوريءَ قيدين کي ڇڏائڻ وارن فرد جرم جا فيصلا به چونڊن کان اڳ ٿيڻ جي اميد آهي. ڏسون ته انهن ڪيسن ۾ حق ۽ انصاف جي سوڀ ٿئي ٿي يا نه؟ پر مون جهڙن کي الائي ڇو ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته نظر نه ايندڙ (آسماني) طاقتون عمران خان کان ڪو وڏو ڪم وٺڻ چاهين ٿيون.

ماڻهوءَ جي نيت صاف هجي ته زميني رنڊڪون هڪ ٻئي پٺيان ختم ٿينديون وينديون آهن.

جهانگير ترين جي نااهليءَ سان جيڪڏهن ڪو فرق پيو آهي ته بس ايترو ته ”اڙ جا سم سم“ جو منتر جڳهه وٺندو ۽ اقتدار ماڻڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي کان بعد ”اب جا سم سم “ شروع ٿي ويندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے