19 خميس , جولاءِ 2018

جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي

غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جنهن جي سربراهي ميان ثاقب نثار ڪري رهيو هو،انهي ٽي رڪني بينچ ه سپريم ڪورٽ اندر جهانگير ترين جي ڪيس متعلق فيصلو ٻڌائيندي کيس هيمشه لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو،تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين تي پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ حنيف عباسي ٽي الزام لڳايا هئا ۽ الزام لڳائيندي هن سپريم ڪورٽ اندر جهانگير ترين خلاف پٽيشن داخل ڪرائي،جڏهن ته عدالت سڳوري اندر 2نومبر2016ع م لڳايل الزام جي ڪيس مسلسل هلندو رهيو ۽ ڪالهه لڳايل ٽن الزامن مان هڪ الزام کي صحيح قرار ڏيندي جهانگير ترين جي خلاف فيصلو ٻڌايو،جنهن اندر کيس تاحيات اناهل قرار ڏنو ويو.جهانگير ترين تي اهو الزام پاڪستان مسلم ليگ ن پاران حنيف عباسي جي اڳرائي ۾ لڳايو ويو هو،جنهن اندر سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو هو ته جهانگير ترين  خود انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته سندس ٻارن جي جائيداد ٻاهر ملڪ اندر موجود آهن،جنهن مان جهانگير ترين تمام گهڻي رقم وصول ڪندو آهي،جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته برطانيه اندر موجود ملڪيت اندر جهانگير ترين به (بينيفشل اونر)آهي.

عدالت سڳوري جي ٽي رڪني بينچ پنهنجي فيصلي اندر لکيو ته  آف شور ڪمپني شائني لميٽِيڊ جو خواه عدالت پاران قائم ڪيو ويو هو،جڏهن ته ٻارهن ايڪڙن تي مشتمل پراپٽي،هائيڊ هائوس جي مليڪت آهي پر عدالت چيو ته انهي جائينداد جي اصل حقيقي نينيفشل اونر جهانگير ترين ئي آهي،جڏهن ته عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ اهو به لکيو ته جهانگير ترين ان وقت ڪرنسي ايڪسچينج جي مطابق پاڪستاني رپئي ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي جي رقم پڻ منتقل ڪئي آهي،جيڪا بقول جهانگير ترين جي  ته هائيڊ هائوس جي تعيراتي  ڪم ۾ آئي،عدالت اهو به لکيو ته شائني ويو ڪمپني يا هائيڊ هائوس ڪڏهن به ڪنهن ٽرسٽ ۾ منتقل نه ٿيو هو،جنهن جي گواهه خود عدالت آهي،جنهن جو هن سن 2015ع ۾ ڪاغظ نامزدگي جو پڻ ذڪر نه ڪيو هو،۽ انهيءَ بنياد تي هو ڪوڙو ۽ بي ايمان آهي جنهن جي تحت ڪيس آرٽيڪل 62 جي مطابق نااهل قرار ڏنو پيو وڃي.

پاڪستان جي سيڪيوريٽيز ۽ ايڪسچينج ڪيمشن جهانگرين ترين کي هڪ شوڪاز نوٽيس موڪليو جيڪو انسائيڊر ٽريٽنگ تي الزام لڳائڻ برابر آهي جڏهن ته انهي الزام جا جيڪي تفصل آهن انهن تفصيلن موجب جهانگيرترين ڊي ڊبليوشگر لميٽنڊ جو ڊائريڪيٽر هو جنهن کي اهو معلوم هو ته سندس ڪمپني اڪثريت سان حصص خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته خفيه طور تي احساس ۽ اندروني معلومات جي بنياد تي يونائيٽيڊ شگر ملز جي حصص کي پنهنجي ڊارئيور ۽ باورچي جي نالي ڪرايو جيڪو قانون جي خلاف ورزي آهي،جنهن جي خلاف انهي بنياد تي ايڪسچينج ڪميشن تحقيقات به ڪئي جنهن جي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ جهانگير ترين انسٽائيڊر ٽرينگ جو اعتراف پڻ ڪيو جنهن جي ذريعي حاصل ڪيل رقم جيڪا تقريبن 7ڪروڙ اسي لک جرماني ايڪسچينج ڪيمشن کي واپس پڻ ڪئي.

عدالت انهيءَ جي جواب ۾ اهو چيو ته سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته جهانگير ترين جي رقم مان رقم جي واپسي اعتراض جرم ٿئي ٿو يا نه.؟ڇا انهي بنياد تي کيس نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو يا نه.؟عدالت چيو ته اسانجي نظر ۾ ايڪسچنيج ڪيمشن جي جواب جي نوٽيس ۾ جواب مشروط هو ڇو ته ان ۾ چيو ويو آهي ته هي انجي خلاف نه ويندو.انهي بنياد تي عدالت چيو ته اهو اعتراِض جرم نه ٿو ٿي سگهي،عدالت سڳوري اهو به چيو ته انهي بنياد تي سڪيوريٽر اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي خلاف فوجي عدالت به ڪا ڪاروائي نه ڪئي هئي،عدالت پنهنجي تفيصلي بيان اندر ايڪسچينج ڪيمشن کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو. ليڪن چيو ته هي ماضي کان طعه ٿيل ٽرائيزيڪشن آهي.

جهانگير ترين جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ حنيف عباسي چيو ته 2010ع ۽ 2011ع ۾ جهانگير ترين ٽيڪس وصولي اندر جيڪا ملڪيت ظاهر ڪئي ۽ جيڪا ملڪيت هن اليڪشن ڪميشن جي اڳيان ظاهر ڪئي انهي ۾ فرق آهي،ان الزام لڳايو ته جيڪا لڪيل مليڪت آهي ان مان جهانگير ترين جيڪا غير قانوني آهي انهي کي اڇو ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي زرعي آمدني جي وڌائي ڪري بيان ڪري رهيو آهي،عدالت سڳوري انهي جي جواب ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌاِئيندي چيو ته اهو معاملو فورم جي اڳيان هلي رهيو آهي جنهن جي متعلق هو ڪا به راءِ نه ٿا ڏئي سگهن عدالت سڳوري قرض معاف ڪرائڻ واري الزام جي جواب ۾ چيو ته هي معاملو سن 2010ع کان پهرين جو آهي جنهن وقت هو ڪميپني جو شيئر هولڊ ۽ ڊائريڪٽر نه هو عدالت چيو ته سن 2010ع ۽ 2013ع جي درميان  ۾ هُو هوئن به وفاقي وزير جي حيثيت ۾ هيوي مڪينڪل ڪمپلڪس جو ڊائريڪٽر هو،جنهن ڪري انهي قرضن جي معافي انجي زميواري نه هئي.

جهانگير ترين جي خلاف آيل فيصلي کانپوءِ جهانگير ترين پنهنجي سياست ڪيئير مان هميشه لاءِ الوادع  چئي ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس آيل فيصلي کانپوءِ نه رڳو هن سياست مان ڪناراڪشي ڪئي آهي پر پنهنجو عهدو به ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته جهانگير ترين پنهنجي تاحيات نااهلي جي آيل فيصلي کانپوءِ پاڻ کي بلڪل اڪليو ۽ تنها محسوس ڪري رهيو هو،۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان کيس باربار تسلي دلاسا ڏيندو رهيو،هي قصو بلڪل ائين آهي جئين ميان نواز شريف جي اناهل ٿيڻ کانپوءِ سندس پارٽي کيس نه رڳو پارٽي جو صدر تسليم ڪري رهي هئي پر پاڪستان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ به کيس پنهنجو وزيراعظم تسليم ڪندو پيو اچي،جڏهن ته ڪالهه سپريم ڪورٽ جي آيل فيلصي کانپوءِ جلد ئي عمران خان صاحب پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو عدالت جي فيصلي کي تسليم ڪري ٿو پر اڄ هو هو جهانگير ترين کي پنهنجو پارٽي جو حصو آهي ۽ همِيشه پارٽي جو حصو رهندو.پر جهانگير ترين اصولي فيصلو ڪيو جنهن تحت هن پنهنجي خلاف آيل فيصلي تي نه رڳو سياست کي الوادع ڪيو پر هن اهو به چيو ته آيل فيصلي خلاف ڪابه ڳالهه هاڻ چوڻ پسند نه ٿو ڪري.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ لاءِ پيدا ٿيل ڏکي صورتحال!

شفيق الرحمان  شاڪر پوري ملڪ وانگر سنڌ ۾ به چونڊ سرگرميون عروج تي آهن.ڪراچي سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے