23 ڇنڇر , جون 2018

سنڌ جي زراعت، صحت ۽ تعليم جي ترقي جي دعوائن جي حقيقت

آغا نور محمد  پٺاڻ

گذريل هفتي جي اخبارن ۾ ڪجھه خبرون پڙهڻ سان دل ۽ دماغ تي عجيب اثر پيا، هڪ ذميدار شهري جي حيثيت سان غمگين ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي. هڪ ته اسانجي ڳوٺائي برادرم شهاب اوستي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي ڪاروائي ۾ خبر پئي ته سنڌ جا 80 سيڪڙو ماڻهو گندو ۽ زهريلو پاڻي پيئن ٿا، ان قسم جي خبر ان ڊاڪيومينٽري مان پئي جيڪا هن  تيار ڪرائي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي هئي، اها ڊاڪيو مينٽري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ جي وڏي وزير کي سپريم ڪورٽ ۾ گھرائي ڏيکاري ۽ حالتن کان کيس نيڪ روشن ڪيو جنهن تي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه جن فرمايو ان قسم جو پاڻي ته لاهور، گجرات ۽ فيصل آباد ۾ به پيتو وڃي ٿو پوءِ سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس ڇو نه ٿي وٺي؟ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس محترم ثاقب نثار پاران کيس چيو ويو ته اوهان صوبي جا ذميوار شخص آهيو  ۽ اسان توهان کي طلب نه ڪيو آهي پر صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ دستاويزي فلم ڏيکارڻ لاءِ گھرايو آهي.ان دستاويز ۾ اها ڳالهه واضع نظر اچي ٿي ته ڪهڙي طريقي سان شڪارپور جي شاهي باغ جي ڀر ۾ وهندڙ بيگاري واهه جيڪو حقيقت ۾ انگريزن جي زماني کان پڪنڪ جي طور تي استعمال ٿيندو هيو اهو هاڻي گندي پاڻيءَ جو گٽر بڻجي ويو آهي.

اهڙي طريقي سان سنڌ واهه جي به ساڳئي صورتحال آهي. شڪارپور کان علاوه لاڙڪاڻي شهر جي رائيس ڪئنال، حيدرآباد جي ڦليلي واهه، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ ماتلي شهرن جي وچ ۾ ٿامس ندي وانگر وهندڙ گوني  ڪئنال ۾ به گٽرن جو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو جنهن گونيءَ جي ڪناري تي سنڌ جي  هڪ وڏو فلمي فنڪار ۽ ”ڪئي ڪتاب“ جو ليکڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي خوبصورت شامون ملهائيندو هيو ڇاڪاڻ ته ان گونيءَ جي ڪنار ي تي نظاماڻين جا ڪافي بنگلا آهن ۽ هاڻي اهو پاڻي جر جي پاڻيءِ سان ملي گندو ۽ زهريلو بڻجي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهڙيون اهڙيون بيماريون منظر عام تي آيون آهن جن جو اڳ نالو به نه ٻڌو ويو هيو، اڳي اسان مليريا جو نالو ٻڌندا هياسين ۽ هاڻي وري چڪن گونيا جي بيماري عام جام ٿي چڪي آهي. ان کان علاوه سنڌ جا لکين ماڻهو هيپاٽائيٽس يعني ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن اوهان اديب رضوي جي قائم ڪيل اداري SIUT جي ٻاهران صبح جو 4 وڳي کان جائزو وٺندا ته ائين لڳندو ته ڄڻ سموري سنڌ هيپاٽائيٽس جي مريض ٿي چڪي آهي.

ٻي دل کي ڏکائيندڙ خبر  عوامي آواز ۾ شايع ٿيل هڪ سماجي تنظيم سي.آر.ايم ۽ اسپارڪ طرفان شايع ٿيل هڪ رپورٽ جي حوالي سان سامهون آئي ته سنڌ ۾ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر در بدر آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت چائلڊ ليبر سروي لاءِ هڪ ڪروڙ 49 لک روپيا رکيا هيا جنهن مان ليبر کاتي کي هڪ ڪروڙ 30 لک روپيا جاري به ٿيا پر سروي جو ڪم نه ٿي سگھيو. انهيءَ رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته عورتن جي ترقي واري کاتي ۾ ٻارن جي سار سنڀال لاءِ رکيل رقم 42 ڪروڙ، 26 لک روپيا، جسماني طور معذور ٻارن جي بحالي لاءِ 19 ڪروڙ 90 لک روپيا ۽ ڳلين ۾ دربدر رلڻ وارن ٻارن جي لاءِ ”دارالاطفال“ (ٻارن جو گھر) ٺاهڻ لاءِ 31 ڪروڙ 40 لک روپيا رکيا ويا هيا پر انهن منصوبن تي عمل نه ٿي سگھيو ۽ نتيجي ۾ 60 لک ٻار اسڪولن ۾ پڙهڻ کان محروم آهن، پوءِ به سنڌ جو وڏو وزير ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين هڪ اردو ٽي.وي چينل کي انٽرويو دوران چوي ٿو ته اسانجو ڌيان ۽ اوليت تعليم ۽ صحت جي طرف آهي.

هن هفتي جي هڪ ٻي ڏکائيندڙ ڳالهه زراعت کاتي سان تعلق رکي ٿي جنهن ۾ ڪمند جي آبادگارن جي احتجاج جون خبرون آهن هنن آبادگارن جا پهريون ته اخبارن ۾ اشتهار شايع ٿيا جن ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ شگر مليون ۽ ڪمند جا آبادگار جاڙن ڀائرن وانگر آهن ڇاڪاڻ ته کنڊ جي پيداوار جو تعلق وقت تي شگر ملن کي هلائڻ سان آهي ۽ آبادگارن 182 روپيا في چاليهه ڪلو گرام جي حساب سان ادائيگي جي گھر ڪئي آهي ۽ ان قسم جو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران به جاري ڪيو ويو جيڪو ڀِريا شهر جي هڪ آبادگار ۽ سينئر وڪيل سيد مريد علي شاهه پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو ۽ فوري طور تي شگر ملن کي هلائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ لاءِ چيو پر ائين نه ٿيو.

شگر ملن پاران آبادگارن کي ڪمند جو گهربل ريٽ نه مليو، ان تي آبادگارن پاڻ سان ٿيل ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ته مٿن پوليس پاران لٺ بازي ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب  مظاهري ۾ شامل هارياڻين عورتن سميت ڪيترائي آبادگار زخمي ٿي پيا ۽ ڪمند جي پيڙهائي بجاءِ آبادگارن جي پيڙائي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪراچي جي روڊن تي ڪمند هٿ ۾ کڻي پوليس وارن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هڪ هارياڻي جي تصوير به نظر آئي جنهن تي پوليس لٺيون وسائي رهي آهي. واضع رهي ته اهي آبادگار ۽ هاري اسانجي سنڌ جا آهن جيڪي صوبي جي زراعت کي هٿي ڏين ٿا، انهن سان اهو سلوڪ ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ان جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اڪثر ملون اسانجي سياسي ڀوتارن جون آهن پوءِ به سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه فرمائي ٿو ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ڇاڪاڻ ته هنن گذريل ڏهن سالن ۾ عوام جي وڏي خدمت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آهن. اهڙي ڳالهه هن ڄامشورو-سيوهڻ انڊس هائي وي کي ڊبل ڪرڻ واري منصوبي جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.

حيرت جي ڳالهه آهي ته جيڪو روڊ هن جي والد جي زماني ۾ 20 سال اڳ ٺهيو هيو ان کي ڊبل ڪرڻ جو ڪم هاڻي شروع ٿي رهيو آهي، خبر ناهي ته گذريل 10 سالن کان اهو روڊ ڇو ياد نه رهيو؟ انهيءَ روڊ تي منڇر ڍنڍ جو پاڻي زهريلو ٿي چڪو آهي، ان لاءِ ڪا به رٿا نظر نٿي اچي ۽ سائين جن کي اها به خبر هوندي ته رني ڪوٽ جيڪو ديوار چين وانگر هڪ وڏو قلعو آهي اهو به انهي روڊ سان لاڳاپيل آهي پر ان تائين پهچڻ لاءِ اوهان جون رٿائون ڪڏهن مڪمل ٿينديون جو ماڻهو رني ڪوٽ ڏسڻ ۽ گورک هل اسٽيشن ڏسڻ لاءِ ڪوهه مري وانگر سيروتفريح لاءِ اچي سگھندا. اهڙين جڳهن تي ته روڊ رستا، بجلي جو نظام ۽ هوٽل اهڙا ته هجڻ کپن جيترا سنڌ کان به ننڍي صوبي خيبرپختونخواهه ۾ سيف الملوق ڍنڍ ناران ۽ ڪاغان ۾ آهن.

انهن خبرن ۾ هڪ دلچسپ خبر پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي هڪ بيان ۾ نظر اچي ٿي جنهن ۾ هن عمر ڪوٽ ۽ ڪنري ۾ دعوتن ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته پ پ ئي ملڪ کي مسئلن مان ٻاهر ڪڍي سگھي ٿي ۽ باقي ٻيا جعلي خان ۽ ميان آهن جن ملڪ کي مسئلن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي  ۽ هن ٿري ماروئڙن سان محبت جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ان سوچ جا آهيون ته انسان جي خدمت عبادت آهي ۽ انهيءَ نظريي تحت اسان وري ٻيهر حڪومت وٺي ڏيکارينداسين ۽ آبادگارن ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ واهن کي پڪو ڪرائي ٿر ۾ پاڻي پهچائينداسون، هن کان جڏهن ڪمند جي آبادگارن جي احتجاج بابت پڇا ڪئي وئي ته هن چيو ته هنن کي صبر ڪرڻ کپي هو پنهنجي اپت کي وڌائڻ تي ڌيان ڏين ۽ اسان آهستي آهستي انهن جا مسئلا حل ڪنداسون.

هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته گذريل ڏهن سالن ۾ توهان جو اهو آهستي آهستي هلڻ وارو سفر ڪيترو هليو آهي جو هاڻي اها اميد ڪجي ته اهو جلدي منزل تي پهچندو ۽ سنڌ جا ماڻهو خوشحال ٿيندا. اهڙي ڳالهه آصف علي زرداري ڪجھه وقت اڳ ديرا مراد جمالي ۾ به هڪ سياسي جلسي کي خطاب ڪندي چئي هئي ته اسان بلوچستان کي سينٽرل ايشيا مان پاڻي آڻي پهچائينداسين. سنڌ جو ماڻهو اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي 50 هين تقريبن ۾ ڀوتارن جي انهن ٻچڪارن کي به حيرت سان ڏسي رهيو هيو ته اهي ٻچڪارون ڪنهن جي خوشحالي جي علامت آهن!!!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو تارو سنڌ کي روشن ڪري سگهندو ؟

ماهم سنڌي پاڪستان ۾ هر دفعي ٿيندڙ اليڪشن وڏي پيماني تي تبديليون آڻيندو آهي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے