17 اڱارو , جولاءِ 2018

اسٽيون سمٿ سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پرٿ(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪپتان اسٽيون سمٿ گهٽ اننگز ۾ 22 سينچريون مڪمل ڪرڻ جو سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. 28 سالن جو اسٽيون سمٿ انگلينڊ خلاف ٽئين ايشز ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن 108 هين اننگز ۾ پنهنجي ڪيريئر جي 22 هين سينچري مڪمل ڪئي جنهن سان گڏ ئي هن گهٽ ترين اننگز ۾ 22 سينچريون ڪندڙ بيٽسمينن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو، ان فهرست ۾ پهرين نمبر تي سر ڊان بريڊ مين جو آهي جنهن 58 اننگز ۾ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، اڳوڻي ڀارتي اوپنر سنيل گواسڪر 101 اننگز ۾ 22 سينچريون مڪمل ڪري ٻئي نمبر تي موجود آهي، ليجنڊري ڀارتي بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر 114 اننگز ۾ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي چوٿين ۽ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان محمد يوسف 121 اننگز ۾ اهڙو اعزاز حاصل ڪندڙ پنجون ۽ اڳوڻو برطانوي بيٽسمين هيمنڊ 127 اننگز ۾ 22 سينچريون مڪمل ڪري ڇهين نمبر تي موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Zimbabwe's decision to bat first against Zimbabwe's Green Shirts in One-Day match

ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي جو گرين شرٽس خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

بلاوايو(اسپورٽس نيوز) زمبابوي  ڪرڪيٽ ٽيم گرين شرٽس خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے