21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

پاڪستان ۾ گوگل تي سڀ کان وڌيڪ ويرات ڪوهلي کي سرچ ڪيو ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) 16 ڊسمبر 2016ع کان هن وقت تائين گوگل ٽرينڊز مطابق ويرات ڪوهلي گوگل پاڪستان تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويندڙ ڪرڪيٽ آهي. ويرات ڪوهلي کانپوءِ ان فهرست ۾ پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد، محمد عامر ۽ احمد شهزاد جا نالا اچن ٿا، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ويرات ڪوهلي کي سرحد جي ٻنهي طرفن کان گهڻي محبت ڏني ويندي آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جي مداحن جو تعداد به گهٽ ناهي. ويرات ڪوهلي به پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ هو پاڪستاني رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندو رهندو آهي. ويجهر ۾ ئي ويرات ڪوهلي جي شادي ٿي آهي جنهن جا پاڪستاني ميڊيا تي به ڀرپور چرچا رهيا آهن ۽ پاڪستاني رانديگرن به جوڙي کي نئين زندگي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي مبارڪ ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India's retreat of Indian coach defeats the forces

ڀارتي ڪوچ ڌوني جي ريٽائر ٿيڻ وارين افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي

ليڊز(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڪيٽ ڪيپر مهندر سنگهه ڌوني کي  ون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے