20 جمعو , جولاءِ 2018

ويرات ڪوهلي کي زندگي جي نئين اننگز تي مبارڪ ڏيان ٿو: محمد عامر

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما کي نئين زندگي جي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي کي خراب نظر کان بچڻ جي دعا ڏئي ڇڏي آهي. ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي شادي تي جتي ٻنهي کي دنيا کان مبارڪون ملي رهيون آهن اتي پاڪستاني ڪرڪيٽرن به ٻنهي جي شادي شده زندگي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جي فاسٽ بالر محمد عامر هنن ڏينهن ۾ ٽي ٽين ليگ جي سلسلي ۾ دبئي ۾ موجود آهي جتي ان هڪ انٽرويو دوران ويرات ۽ انوشڪا جي شادي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان ٻنهي جي شادي تي گهڻو خوش آهيان ۽ ويرات ڪوهلي کي زندگي جي نئين اننگز تي مبارڪ ڏيان ٿو. جهڙي طرح ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن مان خدا کان دعا گهران ٿو ته ان جي ۽ انوشڪا جي شادي شدا زندگي به اهڙي طرح ڪامياب ٿئي. ان کان علاوه عامر ٻنهي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ٻنهي کي هر خراب نظر سان بچائي. واضح رهي ته محمد عامر ويروشڪا جي شادي تي ٻنهي کي ٽوئٽر تي به مبارڪ ڏني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ronaldo left a tip of $ 9,200 in Greece's hotel

رونالڊو يونان جي هوٽل ۾ 29 لک 90 هزار رپين جي ٽپ ڏئي ڇڏي

اٿينز(اسپورٽس نيوز) پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو يونان جي هڪ هوٽل ۾ 17 هزار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے