19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان ۾ ڪجهه ڪمزوريون آهن، جيڪي ليڊر ۾ نه هجڻ گهرجن: جسٽس (ر) وجيهه الدين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو پر هڪ ڳالهه ڪري وري ان جي مخالف ڳالهه تي ڄمي وڃڻ صحيح ناهي، سياسي معاملن جي ڪري پي ٽي آءِ کي الوداع چيو هو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عام لوگ اتحاد پارٽي جي چيئرمين جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد چيو ته جهانگير ترين جي نااهلي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو ڪو ارادو ناهي، منهنجو جهانگير ترين يا پرويز خٽڪ سان ذاتي جهيڙو نه هو، مان پي ٽي آءِ کي ان ڪري ڇڏيو ته جيڪي ماڻهو عمران خان جي صفن ۾ بيٺا هئا، انهن سان گڏ بيهي اهو سوچي رهيو هيس ته پاڪستاني عوام کي دوکو ڏئي رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته مون کي هن وقت به پي ٽي آءِ ٻين پارٽين کان بهتر لڳي رهي آهي. تحريڪ انصاف جوائن ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي وجيهه الدين احمد چيو ته مان سپريم ڪورٽ کي 2000ع ۾ ڇڏيو، 2007ع ۾ عمران خان اچي چيو ته پارٽي جوائن ڪيو، مان محسوس ڪيو ته اها ٻين پارٽين کان بهتر آهي، عمران خان کي مناسب اڳواڻ تصور ڪندو هيس، مان پارٽي ۾ رهيس ته ٻين معاملن جي خبر پئي، محسوس ڪيم ته عمران خان ۾ ڪجهه ڪمزوريون آهن، جيڪي ليڊر ۾ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پارٽي ٺاهي آهي ۽ ماڻهو موٽ به ڏئي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے