17 اڱارو , جولاءِ 2018

طاهر القادري جي آستاني تي گوڏا کوڙڻ واري زرداري کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي: پرويز رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سڌُ سماءِ واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته طاهر القادري جي آستاني تي گوڏا کوڙڻ واري زرداري کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي. چونڊون وقت تي ٿينديون ڪير به اثر انداز نٿو ٿي سگهي. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جي منهن تي ڊپ جا آثار ڇو آهن؟ سندس مقبوليت جي عام چونڊن ۾ خبر پئجي ويندي، جيڪو پنهنجي پارٽي لاءِ بدنامي جو سبب هجي ان کي ڪهڙو خطرو؟ سندس چوڻ هو ته  طاهر القادري جي آستاني تي گوڏا کوڻيندڙ زرداري کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي. نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي مقبوليت گهٽ ناهي ٿي جڏهن ته چونڊون وقت تي ٿينديون ڪير به اثر انداز نه ٿيندو. مون کي جيڪا به ذميواري ملي نڀائيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت 23 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت 23 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے