23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز| نواز شريف ۽ زرداري جي ملاقات ڪڏهن به نه ٿي سگهي: سراج دراني

قائم مقام سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر سراج دراني چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري جي ملاقات ڪڏهن به نه ٿي سگهي   پٺاڻ ڪنويشن کي خطاب سنڌ جي قائم مقام گورنر جو چوڻ هو ته  عمران خان جي نااهل نه ٿيڻ سان نواز ليگ کي وڏي مايوسي ٿي قومي اسيمبلي مان گرم هوا اچي رهي آهي هن چيو ته سنڌ جي اسمبلي مان گرم هوا نه پئي اچي، سنڌ ۾ رهندڙ پٺاڻن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن  سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر سراج دراني چيو ته سنڌ جي آبادگارن سان وڏي وزير جي ملاقات ٿي ، جلد ڪمند جي اگهه وارو مسئلو حل ٿي ويندو. آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ طاهرالقادري جي ڪارڪنن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، پيپلزپارٽي هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | مٺي:پ پ پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے