21 ہفتہ , اپریل 2018

شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جا ٻار اسان جا ننڍڙا شهيد آهن، سندن قرباني تي سڄي قوم دهشتگردي خلاف هڪ ٿي وئي. اي پي ايس جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي اسلام، پاڪستان ۽ عوام خلاف دشمنن جي سازش آهي. دهشتگردن رنگ، نسل، مذهب، عقيدي، عمر ۽ جنس جي امتياز کانسواءِ پاڪستانين کي نشانو بڻايو، نواز شريف جي نظريي تحت قدمن، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين سان ملڪ ۾ امن ٿيو. سندس چوڻ هو ته اي سي ايس سميت سڀني شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي خلاف آفيسرن ۽ بهادر جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه ملڪ سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا: چيني سفير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چين چيو آهي ته شنگهائي سهڪاري تنظيم جو اجلاس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے