21 ہفتہ , اپریل 2018

رينجرز سنڌ ۾ هلندڙ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز سنڌ سال 2017ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب 479 دهشتگرد، 546 ٽارگيٽ ڪلر، 172 ڀتا خور ۽ 45 اغوا ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا. رپورٽ موجب هلندڙ سال ڏوهارين خلاف 2530 ڇاپا هنيا ويا، جن ۾ مختلف قسمن جا 1578 هٿيار، هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته 1945 ڏوهارين کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو. ڪارڪردگي رپورٽ موجب سڄي سنڌ مان 938 اسٽريٽ ڪرمنل، 475 ڦورو، 325 منشيات فروش، 38 سٽي باز ۽ 12 کيسا ڪٽيندڙن کي به گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 12 رينجرز اهلڪار زخمي به ٿيا. رينجرز جي ڪارڪردگي رپورٽ موجب مختلف ڪاررواين ۾ 4 مغوين کي آزاد به ڪرايو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي وي سي کي معطل ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر زڪريا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے