26 جمعرات , اپریل 2018

پي ٽي آءِ جو جهانگير ترين نظرثاني درخواست تي حتمي فيصلي تائين سيڪريٽري جنرل جو عهدو خالي رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جهانگير ترين جي نظرثاني درخواست تي سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين سيڪريٽري جنرل جو عهدو خالي رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس جي جاري ڪيل بيان موجب جهانگير ترين رڳو اخلاقي بنيادن تي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ جهانگير ترين کي مالي بي ضابطگين سميت هر الزام کان پاڪ قرار ڏنو آهي. پي ٽي آءِ جي بيان موجب جهانگير ترين جي ڪرپٽ، گاڊ فادر، سيسلين مافيا سان ڪا ڀيٽ ناهي، سندس استعيفيٰ جي فيصلي کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. پاڪستان تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ لائحا عمل لاءِ 5 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ اسد عمر، شفقت محمود، فواد چوڌري ۽ بابر اعواڻ شامل آهن. ڪميٽي ايندڙ هفتي حديبيا پيپر ملز ڪيس تي چيئرمين کي لائحا عمل جي تجويز ڏيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرحد پار کان پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي جوانن سرحد پار کان مهمند ايجنسي ۾ پاڪستاني چيڪ پوسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے