18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن سان ملڪيتون ٻين جي نالي ڪيون وينديون آهن، معاشري مان ڪرپشن جي لعنت کي ختم ڪرڻو آهي. جڊيشل اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته نظام تبديل نه ٿيڻ سبب عوام کي انصاف نه پيو ملي،  اسان پنهنجي قانون کي جديد نقاضن موجب بهتر ناهي ڪيو، اسان جو نظام پراڻو ٿي چڪو آهي، سڌارن جي ضرورت آهي، سڌارن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ناهي. هن چيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن کي آزاد ڪيو، مان پنهنجو پاور سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، لا اينڊ جسٽس ڪميشن انهن ماڻهن کي ڏني وڃي، جيڪو ان کي پورو وقت ڏئي سگهن، اسان قانون جي ڀڃڪڙي جي نشاندهي ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي وچ ۾ مان ڦاسي پيس، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه هوندي ته چيف جسٽش سڌارن لاءِ هٿ کولي رهيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اهو ڪم ڪيو، جيڪو مون کي پهرين ڏينهن ڪرڻ گهرجي ها.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے