18 جمعرات , جنوری 2018

آمر ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي پر ڪو به ڪم نظر نه آيو: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته فاٽا جي معاملي کي سياست جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان هڪ سئو سالن کان وڌيڪ پراڻي نظام کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ن ليگ واحد پارٽي آهي جيڪا رڳو ڳالهيون نه پر ڪم به ڪندي آهي، ساڳي ڪاڪردگي جي بنياد تي چونڊن ڏانهن وينداسين. هن چيو ته مسلم ليگ ن خدمت جي سياست ڪندي آهي، الزام جي نه ۽ نواز شريف جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا آهن. 20 سالن ۾ جيڪي ڪم نه ٿيا اهي اسان 4 سالن ۾ مڪمل ڪيا گڏوگڏ مسلم ليگ ن جي حڪومت ملڪ ۾ ڏڦيڙ جو مقابلو به ڪيو. سندس چوڻ هو ته فاٽا جي معاملي کي سياست جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان هڪ سئو سالن کان وڌيڪ پراڻي نظام کي ختم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن ووٽن جي نه خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو آمر جي حڪومت رهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي پر ڪو به ڪم نظر نه آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے