20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد: عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس بني گالا ۾ جاري آهي. سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي عمران خان کي اهل جڏهن ته جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ جهانگير ترين پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ ڪور ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ به شريڪ آهن. ذريعن موجب اجلاس ۾ عدالت عظميٰ جي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون جاري آهن. ذريعن ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي جنهن ۾ عدالت جي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون وينديون جڏهن ته ڪور ڪميٽي جي جلاس ۾ پارٽي جي نئين سيڪريٽري جنرل کي به چونڊيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے