19 اڱارو , جون 2018

اسان ادارن سان تڪرار جي پاليسي تي عمل پيرا ناهيون، بيان محاذ آرائي جي ڪيفيت پيدا پيا ڪن: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هر هر چيو ويندو آهي ته اسان ادارن سان تڪرار جي پاليسي تي عمل پيرا ناهيون پر اسان جا بيان محاذ آرائي ۽ تڪرار جي ڪيفيت پيدا ڪري رهيا آهن، اها صورتحال ڪنهن به حوالي سان ملڪي مفاد ۾ ناهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري نثار ٿلي خان چيو ته ن ليگ کي بي يقيني جي ماحول مان نڪرڻو پوندو ۽ ملڪ کي به بي يقيني مان ڪڍڻو پوندو ڇو ته هيرا ڦيري واريون پاليسيون ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهن. ملڪ تاريخ جي انتهائي اهم موڙ تي آهي اسان کي جوش کان وڌيڪ هوش سان ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان کي قوم کي مثبت ۽ پر اميد رستي تي آڻڻو پوندو. هن چيو ته مسلم ليگ ن طرفان هر هر چيو ويندو آهي ته اسان ادارن سان تڪرار واري پاليسي تي عمل پيرا ناهيون پر اسان جا بيان محاذ آرائي ۽ تڪرار جي ڪيفيت پيدا ڪري رهيا آهن ۽ اها صورتحال ڪنهن به حوالي سان ملڪي مفاد ۾ ناهي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ عدالت جي فيصلي تي اطمينان ناهي ته ٻئيءَ مان انصاف ملي سگهي ٿو ۽ حديبيه ڪيس فيصلي کان پوءِ ڇا اها ڳالهه درست ثابت ناهي ٿي؟ خبر ناهي حديبيه ڪيس تي اعليٰ عدليه جي فيصلي تي اسان ڇا چونداسين؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

The last day of the nomination for the nomination fellow Farooq, Bilawal and Shahbaz Sharif passed the form of others

نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني جو آخري ڏينهن، بلاول ۽ شهباز شريف سميت ٻين جا فارم منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے