17 اڱارو , جولاءِ 2018

جهانگير ترين جو سپريم ڪورٽ مان نااهلي کان پوءِ سياست کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين سپريم ڪورٽ مان نااهلي بعد پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏه ته هو سياست کان پاسو اختيار ڪرڻ لاءِ به پنهنجي ويجهن ساٿين سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو سپريم ڪورٽ طرفان تاحيات نااهلي بعد پارٽي جي جنرل سيڪريٽري واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ جهانگير ترين پنهنجن ويجهن ساٿين سان سياست کان دستبردا ٿيڻ بابت ڳالهيون ڪري رهيو آهي. جهانگير ترين جي استعيفيٰ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ اسد عمر مضبوط اميدوار هوندو تنهن هوندي ان حوالي سان حتمي فيصلو تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايفي ڊرين ڪيس: روزاني ٻڌڻي خلاف حنيف عباسي جي اپيل رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے