23 ڇنڇر , جون 2018

عدالت طرفان تاحيات نااهل قرار ڏيڻ بعد جهانگير ترين جا پارٽي عهدي تان به هٿ ڌوئڻ جا امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عدالت طرفان تاحيات نااهل قرار ڏيڻ کان پوءِ جهانگير ترين جي پارٽي جي عهدي تان به هٿ ڌوئڻ جا امڪان آهن، سندس ويجهن دوستن پارٽي عهدو ڇڏڻ ۽ عدالتي جنگ وڙهڻ جي تجويز ڏني تنهن هوندي اسد عمر جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪري رهيا آهيون ۽ اپيل جي فيصلي تائين هو عهدي تي برقرار رهندو. جهانگير ترين جي ويجهي ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي کان پوءِ هن پارٽي جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي ۽ پارٽي عهدي کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. جهانگير ترين جي پارٽي عهدي کان الڳ ٿيڻ واري فيصلي کان پوءِ هاڻ پي ٽي آءِ جي نئين سيڪريٽري جنرل جي باري ۾ ڳالهيون ۽ ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي تنهن هوندي ٻئي پاسي عمران خان به جهانگير ترين کي بطور سيڪريٽري جنرل ڪم جاري رکڻ جي هديات ڪئي تنهن هوندي حتمي فصلو ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارٽي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني پر سياست نه ڇڏي آهي: مشرف

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته مان پارٽي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے