26 اربع , سيپٽمبر 2018

16 ڊسمبر 2014ع کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي (اي پي ايس) جي شهيدن جي ٽئين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ڏينهن کي ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي قوم ۾ دهشتگردي خلاف تاريخ ساز وحدت کي جنم ڏنو ۽ ان واقعي کان پوءِ هن قوم دهشتگردن خلاف وڙهڻ جو ارادو ڪيو. وزير اعظم چيو ته پاڪستاني قوم جهڙيون قربانيون شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ سندن ڏينهن رات محنت ۽ قربانين سان دهشتگردن جي چيلهه ٽٽي پئي.  هن وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي ۽ شهيدن جي رت سان لکيل ان بابت کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے