18 جمعرات , جنوری 2018

ٻن پارٽين لاءِ آيل اڌواڌ نقصان ۽ فائدن جا فيصلا

سپريم ڪورٽ ڪالهه ملڪ جي سياست ۽ سماج تي اثرانداز ٿيندڙ ٻن اهم فيصلن جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ هڪ فيصلو تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مان اڌواڌ صاف ثابت ڪيا ويا آهن. پارٽي جي چيئرمين عمران خان کي اهل ۽ سيڪريٽري جهانگيرترين کي سياسي ميدان تي جنم ٽيپ ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ٻئي فيصلي ۾ نوازشريف جي نااهلي کان پوءِ ان جي ڀاءُ ميان شهباز شريف جي سر تي حديبيا ڪيس جي تلوار هٽائي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ نواز ليگ جي اڳواڻ حنيف عباسي جي اپيل کي رد ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي اهل ۽ جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار سميت ٽن ڄڻن جي بينچ عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جو 15 نومبر تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي اهل قرار ۽ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته سمورين شاهدين جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پرڏيهي فنڊن جو الزام لڳايو ويو. هن انهن فنڊن جي جاچ جي ذميداري اليڪشن ڪميشن تي لاڳو ڪندي کين هدايت ڪئي آهي ته انهن جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪري ۽ پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. ته عمران خان نيازي سروس جو شيئر هولڊ يا ڊائريڪٽر نه هو جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کي ايمان قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇوته هن جي زمين ۽ وسيلن جي باري ۾ ڪيئي خال موجود آهن.

ان نااهلي ڪيس جي هڪ جج جسٽس فيصل عرب پنهنجي فيصلي ۾ اضافي پئرا لکندي چيو آهي ته عمران خان ۽ نوازشريف جي نااهلي ڪيسن جي ڀيٽ ڪرڻ ۽ ساڳيو سمجهڻ غلطي آهي. هن چيو آهي ته نواز شريف 30 ورهيه ڪيترن ئي اهم عوامي عهدن تي رهيو آهي ۽ ان جي ڪيس ۾ مني لانڊرنگ، ڪرپشن توڙي ذريعن کان وڌيڪ دولت جا سنگين الزام آهن. هڪ وزير، وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي ايماندار، صاف ۽ سٺي ساک وارو هجڻ ضروري ڳالهه آهي. انهن وٽ اهي وسيلا انهن عهدن کان اڳ نه هيا ۽ انهن ۾ 84 ڪروڙن جا ملندڙ تحفا به شامل آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جهانگير ترين کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي نااهل قرار ڏنو ويو  جنهن بابت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول آهي. سندس چوڻ هو ته عدالت جي فيصلي تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته جهانگير ترين جي فيصل تي ڏک آهي، هنن جي ڪرپٽ ماڻهن سپريم ڪورٽ ٻاهران بيهي مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو،  جهانگير ترين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندو آهي، شريف ڪٽنب ٻڌائي ئي نه سگهيو ته ايترو پيسو ڪٿان آيو. تنهن هوندي عمران خان کي اهل قرار ڏنو ويو، فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جهانگير ترين کي جنرل سيڪريٽري طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اهل ۽ جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏيڻ تي مختلف اڳواڻن طرفان بيانن جو سلسلو جاري آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ” اي ٽي ايم خراب ٿي ويئي آهي“ ۽ ان سان گڏوگڏ هن ” ترين آئوٽ“ پڻ لکيو آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هو سياستدانن کي عدالتن مان نااهل قرار ڏيڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ کيس جهانگير ترين جي نااهلي تي خوشي ناهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس بابت عدالتي فيصلي تي رد عمل ڏيندي سعد رفيق چيو ته جهانگير ترين هجي يا يوسف رضا گيلاني ڪنهن جي به نااهل ٿيڻ تي خوشي ناهي ڇو ته سياسي ويڙهه کي عدالتن ۾ کڻي وڃن مسئلن جو حل ناهي، آئون سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو.

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته اڄ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو، کيس عدالت سان محاذ آرائي کان روڪيو هو اڄ به پارٽي سان اختلافن جو سبب عدالتي معاملا آهن. چوڌري نثار راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 35 سالن کان مسلم ليگ ن ۾ آهيان ۽ مون هميشه پارٽي سان سچ ڳالهايو، نواز شريف سان اختلاف عدالتن خلاف محاذ آرائي آهي. هن چيو ته مون کي مختلف سياسي پارٽين مان آڇ ٿي پر ن ليگ کي نه ڇڏيو، ان کان اڳ جنرل (ر) مشرف مون کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن چونڊن ۾ مون کي شڪست ڏيڻ لاءِ 5 اڻ پڙهيل وزير استعمال ڪيا.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ الله کان پوءِ جمائما عمران خان کي بچايو آهي. هن چيو ته ان فيصلي سان سڄو پاڪستان خوش ٿيو آهي ۽ عمران خان مستقبل جو وزير اعظم آهي، هاڻ هن کي وزير اعظم بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته ان ڪيس ۾ جمائما خان ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي کيس سلام پيش ڪريان ٿو. ان ڪيس ۾ الله کان پوءِ جمائما عمران خان کي بچايو آهي. شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته جمائما هڪ نسلي گهراڻي جي عورت آهي ۽ سندس صلاح آهي ته جيڪڏهن ڪا مذهبي رڪاوٽ نه هجي ته عمران خان کي جمائما سان شادي ڪرڻ گهرجي.

سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اهو فيصلو به پڄاڻي تي ناهي پهتو، تحريڪ انصاف کي سياسي پارٽي طور اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ جاچ جو چيو ويو آهي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته ان فيصلي وسيلي اها حڪمت عملي نظر ايندي ته جهانگير ترين کي قربان ڪري، انصاف جو ڏيکاءُ پيش ڪري عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي بچايو ويو آهي. اهو اسڪرپٽ تحت ٿيو آهي. ان جون شاهديون عمران خان جي بچاءَ ۾ يا دستاويزن ۾ ڳولهڻ جي ضرورت ناهي. سپريم ڪورٽ به اها ئي ڳالهه پئي ڪري. هن چيو ته برطانوي راڄ جا بچيل سمورا ادارا هن ملڪ جي ٻارن جي مستقبل کي روشن ڏسڻ پسند نٿا ڪن، اهي برطانوي راڄ جيان آئين کان مٿانهان ٿي اختيار برقرار رکڻ چاهن ٿا، اسان هن ملڪ ۾ جمهوريت کي ڏسڻ چاهيون ٿا.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اها تلوار هاڻي عمران خان تي چمڪندي نظر اچي رهي آهي، جنهن جو فيصلو اڻ ڏٺل حڪمت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي.

ڇنڇر 16 ڊسمبر 2017ع، 27 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے