20 جمعو , جولاءِ 2018

ويرات ۽ انوشڪا جي ”هني مون“ دوران برفيلي جبل تي ورتل تصوير شيئر

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي ڪپتان ۽ ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما شادي کانپوءِ ”هني مون“ دوران برفيلي جبلن تي ورتل هڪ تصوير شيئر ڪري ڇڏي. ويرات ۽ انوشڪا هڪ نئين زندگي جو سفر شروع ڪيو آهي، ٻنهي جي شادي ڳجهي انداز ۾ ٿي هئي پر انوشڪا ۽ ويرات 11 ڊسمبر تي ٽوئيٽر تي سندس شادي جي خبر مداحن سان شيئر ڪئي هئي. اداڪارا انوشڪا ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي پنهنجي هني مون لاءِ برفيلي جبلن جي چونڊ ڪئي آهي، ٻنهي انسٽاگرام تي برفيلي مقام تي ورتل سندن هڪ سيلفي شيئر ڪئي آهي. انوشڪا تصوير پوسٽ ڪندي لکيو آهي ته ائين لڳي رهيو آهي جيئن هو جنت ۾ آهن. نئين شادي شدا جوڙي پاران پنهنجي شادي وانگر هني مون جي جڳهه کي به خوفيا رکيو آهي، پر برفيلي جبلن کي ڏسي اندازو لڳائڻ مشڪل نه ٿيندو ته ٻئي يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ئي هني مون ملهائڻ لاءِ ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The movie "teefa in trouble ", which will be released today, will be released today

”طيفا ان ٽربل“  جو  ريليز کان اڳ شاندار پريميئر ، فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے