21 اتوار , جنوری 2018

پريانڪا چوپڙا هڪ منٽ جي پرفارمنس لاءِ ڪروڙ رپيا وٺندي

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ايوارڊ شو ۾ ڊانس پرفارمنس دوران ڪجهه ئي منٽن ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائيندي. اڳوڻي حسن جي راڻي ۽ بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي مقبوليت ۾ ڏينهن و ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري سندس ڊيمانڊ به وڌي رهي آهي. بالي ووڊ سان گڏ هالي ووڊ ۾ به مقبول ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا جا ستارا هن وقت عروج تي آهن ۽ بالي ووڊ جو هر فلمساز ۽ پروڊيوسر ساڻس ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي جنهن لاءِ هو اداڪارا کي وڏي کان وڏو معاوضو ڏيڻ لاءِ به تيار آهن جنهن جو مثال تازو ئي ڏسڻ ۾ آيو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي مقبول ترين ايوارڊز تقريب ”وي زي سيني ايوارڊز 2018ع“ جي تقريب ۾ رنوير سنگهه، شاهد ڪپور، ڪترينا ڪيف، سڌارٿ ملهوترا، جيڪولين فرنينڊس ۽ ڀومي پنڊيڪر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ميڊيا رپورٽس موجب پريانڪا چوپڙا کي 5 منٽن جي پرفارمنس لاءِ 4 کان پنج ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويندا ان جو مطلب آهي ته بالي ووڊ جي ”ديسي گرل“ هڪ منٽ ۾ هڪ ڪروڙ رپيا ڪمائيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان 2 فلسطيني نوجوان شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوجين غزا ۽ غرب اردن ۾ 2 فلسطيني نوجوانن کي گوليون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے